سياسي تقريرون نه ڪرڻ جي خاطري بعد دعوت قبول ڪئي

سياسي تقريرون نه ڪرڻ جي خاطري بعد دعوت قبول ڪئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قومي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت جي حوالي سان وضاحت ڪئي آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ موجب سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن کي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي دعوت ڏني وئي هئي.دعوت قبول ڪرڻ کان اڳ معلومات حاصل ڪئي وئي ته ڇا سياسي تقريرون ڪيون وينديون. يقين ڏياريو ويو ته رڳو آئين ۽ ان جي ٺهڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، پهرين منهنجي عملي ۽ پوءِ پاڻ اسپيڪر کي سڌو سنئون نقطو سمجهايو، وضاحت ملڻ بعد ئي مون دعوت قبول ڪئي، آئين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ چاهيو.هن چيو ته مون کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ان ڪري معذرت ڪئي، پر جڏهن ڪجهه تقريرن ۾ سياسي بيان ڏنا ويا ته پوءِ ڳالهائڻ جي درخواست ڪئي. منتظمين سڀني کي پاڪستاني تاريخ جو خاص ڏينهن ملهائڻ جي دعوت ڏني هئي، آئين جي گولڊن جوبلي سڀني شهرين لاءِ جشن آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اهو ڪنهن خاص سياسي پارٽي يا اداري جو استحقاق ناهي، آئين جي اهميت سڀني تي واضح ٿيڻ گهرجي ۽ ان تي مسلسل عمل ٿيڻ گهرجي. عدليه جي هڪ ميمبر کي عزت ڏيڻ لاءِ، مون کي وچ ۾ ويهاريو ويو، مون ويهڻ لاءِ اها جاءِ نه چونڊي.هن وڌيڪ چيو ته عوام جا چونڊيل نمائندا مڪمل احترام جا مستحق آهن، آل انڊيا مسلم ليگ جي سياستدانن کانسواءِ اسان آزادي حاصل نه ڪري ها، جڏهن پاڪستان ۾ عوام جي سڌي ريت چونڊيل نمائندن جو ٺاهيل آئين نه هجي ها ته ملڪ ورهائجي ويو هو. خير، ان مسلسل غلطي کي آخرڪار 50 سال اڳ درست ڪيو ويو، جڏهن عوام جي بنيادي حقن کي تسليم ڪيو ويو ۽ آئين ۾ شامل ڪيو ويو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته آئين جي پاسداري ۾ ئي سمورن پاڪستانين جي نجات آهي، شهرين جي بهتري ۾ ورهاست جو ٻج نه پوکيو وڃي، آئين جوڙڻ اسان جي تاريخ جو اهم ترين لمحو آهي. جنهن کي جشن ملهائڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو