سوڊان ۾ تڪرار دوران ڳائڻي شادان گردود فوت ٿي ويو

سوڊان ۾ تڪرار دوران ڳائڻي شادان گردود فوت ٿي ويو

خرطوم (ويب ڊيسڪ)سوڊان ۾ فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ جاري ويڙهه دوران ملڪ جو ڳائڻو شادان گردود مارجي ويو.مقامي ميڊيا موجب ڇنڇر جي صبح امدرمان شهر ۾ شادان گردود جي گهر تي گوليون لڳيون جنهن سبب هو مارجي ويو.رپورٽن مطابق 37 ورهين جو شادان گردود نيشنل ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي عمارت جي ويجهو رهندو هو ۽ علائقو ويڙهه جي پهرين ڏينهن کان ئي جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سوڊاني اداڪارا جي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ فيس بڪ اڪائونٽ کي 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فالو ڪري رهيا هئا ۽ سندس موت جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ ماڻهن جي وڏي انگ ڏک جو اظهار ڪيو.رپورٽن مطابق شادان حسين پنهنجي آخري فيس بوڪ پوسٽ وفات کان صرف 16 ڪلاڪ اڳ ڪئي هئي.واضح رهي ته سوڊان ۾ فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ 15 اپريل کان ويڙهه جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو