سوڊان مان 149 پاڪستاني بحفاظت ڪراچي پهچي ويا

سوڊان مان 149 پاڪستاني بحفاظت ڪراچي پهچي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سوڊان مان 149 پاڪستاني، جھڙپ ۽ پرتشدد ڪاررواين ۾ ڦاٿل، باحفاظت ڪراچي پهچي ويا.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستانين جو هي پهريون گروپ هو جيڪو سوڊان کان پاڪستان پهتو.ترجمان موجب شهرين کي بحفاظت وطن واپس آڻڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف سوڊان مان پاڪستانين کي ڪڍڻ لاءِ پوري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ آءِ ايس آءِ سميت سمورن فورسز جو شڪريو ادا ڪيو.وزيراعظم سوڊان جي بندرگاهه تي 847 پاڪستانين جي بحفاظت آمد تي به اطمينان جو اظهار ڪيو.شهباز شريف 107 پاڪستانين جي جده آمد تي شڪريو ادا ڪيو ۽ هم وطنن کي واپس آڻڻ لاءِ پاڪ فضائيه جي انتظامن کي ساراهيو.وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خراج تحسين پيش ڪيو.وزيراعظم سوڊان مان سمورن پاڪستانين جي بحفاظت واپسي تائين پوري جوش ۽ جذبي سان ڪم جاري رکڻ جو چيو.ٻئي طرف ٻيا ملڪ به سوڊان مان پنهنجن شهرين کي واپس آڻڻ جي تياري ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو