خانپور(زبير گل) خانپور شھر واسي 3 مغوي سؤٽن کي شڪارپور پوليس مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. علائقي ۾ مغوين جي بازيابي پوليس ڊيل ذريعي ٿيڻ جا چوٻول آهن. پوليس موجب اغوا ڪارن سان ھڪ مغوي عبدالغفار آرائين سؤٽن کي پئسن جي لالچ ۾ اغوا ڪرايو ھو، پوليس عبدالغفار آرائين کي گرفتار ڪري ورتو، ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته گرفتار مغوي عبدالغفار آرائين ڏوھ جو اعتراف ڪندي ٻڌايو تہ مون تي جوا جو قرض ھيو جيڪو قرض لاھڻ جي لاء مختيار جتوئي وارن سان پلاننگ ڪري سؤٽن کي اغوا ڪرايو، مغوين جي بازيابي بعد سندن جي وارثن شھر۾ خوشي جي لھر وارثن ء شھرين جون ڊي ايس پي خانپور سي آء اي انچارج کي گلن جون ڪنڍيون پارايون ويون.










