سوين گهر مينهن جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، رليف ڪميٽي نه پهتي،احتجاج

سوين گهر مينهن جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، رليف ڪميٽي نه پهتي،احتجاج

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو شھر جا سوين گهر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ ۽ ڪيترائي گهر ڪري پوڻ باوجود برسات واري رليف ڪميٽي بدين پاران برسات متاثرین لاء رليف ڪئمپون قائم نه ڪيون، برسات متاثر سرڪاري اسڪولن ۾ پناه وٺڻ تي مجبور. خبر موجب ٽنڊوباگو شھر ۾ 16 ڪلاڪن کان هلندڙ مسلسل برسات کان ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 1، 2 ۽ 3 وارڊ جي 25 گهرن جا رهواسي پنهنجا گهر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ ڪري صبح کان وٺي گرلس اسڪول مير محله ۾ پاڻ مرادو ويهي رهيا آهن. گرلس اسڪول مير محله جي اسڪول ۾ ويٺل برسات متاثرن غلام حسين مڱڻهار، گل فقير، سلامت، اشرف جمالي، تنویر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ بدين جي رليف ڪميٽي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته برسات ۾ اسان جا گهر ٻڏي ۽ ڪري پيا آهن. جنھن ڪري پنهنجا معصوم ٻچا وٺي سرڪاري اسڪولن ۾ اچي پناه ورتي آهي. برسات متاثرن ٻڌايو ته سرڪار پاران کين کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي پاڻي سميت ڪا به شئي نه ملي آهي اسين بي يارو مددگار ٿي ڪئمپ ۾ ويٺا آهيون. هنن بدين ضلعي جي رليف ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کي اپيل ڪئي آهي ته سندن واهر ڪئي وڃي. ٻي طرف وارڊ نمبر 2 تي ٽائون ڪائونسلر جي اليڪشن وڙهندڙ آذاد اميدوار مير محمد بخش ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊوباگو شهر جي مختلف وارڊن ۾ شديد برساتن دوران سوين ماڻهن جا گهر ڪري پيا آهن ۽ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، جنھن ڪري مجبور ٿي هو سرڪاري اسڪولن ۾ اچي رهيا آهن. هاڻي وزير اعلي پاران بدين ضلعي لاء ٺاهيل رليف ڪميٽي جو ڪم آهي ته ماڻهن کي کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت مهيا ڪري پر ٽنڊوباگو ۾ رليف ڪميٽي جو نالو نشان به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. هن وزير اعلي سنڌ ۽ ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر کي اپيل ڪئي ته ٽنڊوباگو ۾ پاڻ مرادو سرڪاري اسڪولن ۾ پناه وٺندڙ برسات متاثر ماڻهن رليف ڏئي هنن جي گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو