سون جي قيمت ۾ اضافو جاري

سون جي قيمت ۾ اضافو جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 1600 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت ۾ 1600 رپيا واڌ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سون جو اگهه 2 لک 30 هزار 200 رپيا في تولو ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب سون جي 10 گرام جو اگهه به 1372 رپيا وڌي 1 لک 80 هزار 913 رپيا ٿي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 18 ڊالر وڌي 2185 ڊالر في اونس ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو