سونھاري صبح جي دلڪشيء جھڙو سُر پرڀاتي

سونھاري صبح جي دلڪشيء جھڙو سُر پرڀاتي

ليکڪ گلشن سنڌو

شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح سنڌ جو اھو صوفي بزرگ آھي جنھن کي جڏھن دنياوي تعليم پرائڻ لاء آخوند نور محمد ڀٽيء وٽ ويھاريو ويو تڏھن ھن الف کان پوء ڪوبہ اکر پڙھڻ کان انڪار ڪيو يعني سندس وجود ۾ وحدانيت جو وسيع ھجڻ ان ڳالھ جو واضع ۽چٽو مثال ھو تہ شاھ لطيف رح وحدہ لاشريك لہ تي پختو يقين رکندڙ ‘ والي وحدہ جي واکاڻ جون سمجھاڻيون وضاحت سان سمجھائيندڙ ‘  روحاني شاعر ھو جنھن فرمايو تہ الف جو اکر اچار ٻيو سڀ پنا وساري ڇڏ ڇوتہ رب ئي واحد يڪتا ۽ لا شريك آھي الف سان “اللہ “پڙھڻ کان پوء بس آھي،

 توڙي جو شاھ سائينء جو ڪلام سماجي قدرن’عشق محبت وطن پرستي جو اھڃاڻ آھي پر سندن سُرن جي ظاھري معني جو انت بہ روحانيت طرف راغب ڪري ٿو سندس ڪلام جو ڪتاب” شاھ جو رسالو” نہ صرف شاعريء جو بيان آھي بلڪہ انسان ذات لاء ھڪ مفصل جامع سماجي قدرن کي اجاگر ڪندڙ جھدِ مسلسل سان جيون جي پيچرن تي روشني ڪندڙ رھنمائيء سان جيون سفر سڻائو ڪندي ھڪ اصلاحي استاد جي اھميت پڻ رکي ٿو رسالي ۾ جيڪي بہ سُر چيا ويا آھن انھن کي سمجھڻ لاء مطالعي ۽ مشاھدي جي ضرورت آھي سندس سُرن ۾ پرينء جي پريت جو ذڪر ملي ٿو حب الوطنيء جي اعليٰ مثالن سان گڏوگڏ روحانيت جي رمزن سان شاھ رح جو ڪلام ڀريو پيو آھي انھن سُرن مان سُر پرڀاتي بہ ھڪ اھم سُر آھي.

“پرڀاتي” ھڪ راڳڻي جو نالو آھي نالي مان ئي ظاھر آھي تہ ھي پرڀات يعني اسر جو ڳايو ويندو آھي ھن سُر ۾ ڏُڏَنِ مڱڻھارن جو ذڪر ملي ٿو ڏُڏَنِ معنيٰ بي ھنرن يعني ھن سُر ۾ مڱڻھارن کي پريشان رھڻ بجاء سخيء جي در تان گھرڻ جي تلقين ڪئي وئي آھي روحاني معنيٰ اھا آھي تہ رب کان ئي ٻاڏائي گُھر بيشڪ اھو ئي عطا ڪندڙ آھي حضرت شاھ رح فرمائي ٿو تہ “

موڙُھو ڀڻين مڱڻا! ڪيڏانھن ھئين ڪال؟

لَنگھيا ڇڏ لطيف چئي’ اُجهڻ جا اَفعالَ 

سَپَڙَ دَر سوالََ ‘ ڪر تہ قيمت آڻِئين

ھڪ ٻئي بيت ۾ شاھ رح فرمائي ٿو تہ’

ڏاتِ نہ آھي ذاتِ ‘ جو وَھي سو لَھي 

آريون اَٻوجَهن جُون ‘ سَپَڙُ ڄام سَھي

جو راء وٽِ راتِ رَھي’ تَنھن جَُکي تان نہ ٿئي

يعني خدائي فيض ڪنھن ذات تي منحصر ناھي جنھن جي بہ حصي ۾ اچي اٻوجهن جا انگل تہ رُڳو سپڙ ئي سُڻي ٿو ھتي سَپَڙَ جي روحاني معنيٰ  رب تعاليٰ ڏانھن ئي اشارو ڪري ٿي يعني انگل آرا صرف ربُ ئي برداشت ڪري ٿو. سُر پرڀاتي ھڪ طمانيت بخش سُر آھي پرڀات سان لاڳاپيل ھجڻ سبب ھن سُر ۾ پرھ ڦٽيء جي ٿڌڪار ڏيندڙ منظرن جو تصور ذھن کي تازين سوچن ۾ ٽڙندڙ گلن جي خوشبوء وانگر ڀاسي ٿو.  ھن سر ۾ صرف رب دَر ٻاڏائڻ ۽ صرف انھيء کان گُھرڻ جي تلقين ڪئي وئي آھي ڇوتہ رب ئي اسان جي اندر جو حال ڄاڻي ٿو اھو ئي ٻاجھارو رب آھي شاھ رح فرمائي ٿو تہ ‘

ڏاتارَ ڏُک ڪَيا ‘ پاڻا مَٿي مَڱڻين 

مون در ڇڏيو ‘ مڱڻا! مَڱين ڪوہُ ٻِيا؟

تَڏھن تو پِيا ‘ وِچان وِِلَها ڏينھَڙا

ھڪ ٻئي بيت ۾ شاھ رح فرمائي ٿو تہ ‘

تُون سَپَڙُ آئون سيڪڙو ‘ تُون ڏاتار آئُون ڏوہُ

تُون پارسُ آئُون لوھُ ‘ جي سَڃين تہ سونُ ٿِيان

سُر پرڀاتيء ۾ ھڪ ئي داستان آھي جنھن ۾ اُڻويھ بيت آھن ھر بيت پنھنجي معنيٰ ۽ مفھوم ۾ رب جي ساراھ ۽ ان جي راھ تي راھي رھڻ جي ترغيب جو مثال آھي حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح ھڪ بيت ۾ فرمائي ٿو تہ ‘

اُڀريو تارو ‘ اُٿي وَرَ وھاڳ ڏي

سَپَڙُ رِيسارو ‘  چِتِ پَرکي چارَڻين 

يعني پرھ ڦٽي پرڀات جو تارو نڪري آيو آ ھاڻي سجاڳ ٿي رب کي راضي ڪرڻ ۾ جنبي وڃ رب پرچاء جيڪو سڀني دلين جا حال ڄاڻي ٿو. سُر پرڀاتي جي روحاني معنيٰ آھي تہ سونھاري صبح ۾ خدا جو ذڪر ڪندو رھ جيڪر زندگي سمھي ننڊون ڪندي گذاريندي تہ منزلون توکان پرڀرو ۽ مايوسيون تنھنجي ويجهو رھنديون پوء ارڏا ارادا بہ واري بنجي تنھنجي جيون جي وٿيرڪي آڱرن منجھان نڪري مٽي ء ۾ ملي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو