ڪراچي (رپورٽر)پيپلز بس سروس جي گلشن حديد روٽ جي مسافرن لاءِ خوشبري، گلشن حديد روٽ جو بسيون هاڻي شاهراه فيصل تان ٽاور تائين هلنديون. اهڙو فيصلو صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته سومر کان پيپلز بس سروس گلشن حديد کان ٽاور تائين هلائي ويندي. روٽ ۾ تبديلي گلشن حديد جي عوام جي مطالبي تي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سڀاڻي کان کوکراپار- ٽاور روٽ جي بسن جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو. سڀاڻي (جمعرات) کان روٽ تي 30 بسيون هلايون وينديون. هن چيو ته پيپلز بس سروس جي ڊيمانڊ وڌي رهي آهي، اسان کي سروس کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو آهي. اوور لوڊنگ جي حوصله شڪني ڪئي وڃي، ان بابت تمام گهڻيون شڪايتون ملي رهيون آهن. ان تي صوبائي وزير سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي مانيٽرنگ ٽيم جوڙڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. هن چيو ته مانيٽرنگ ٽيم روزانه جي بنياد تي بسن جي وقت تي روانگي، اوورلوڊنگ ۽ ٻين معاملن جي رپورٽ تيار ڪندي. اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي لاڙڪاڻي ۾ آپريشنز جو پڻ جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي لاڙڪاڻي ضلعي انتظاميا سان روزانه جي بنياد تي رابطو ڪري روٽس ۾ جيڪي مسئلا آهن، انھن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڏني. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي اضافي ( نوان )روٽس تي پڻ ورڪنگ ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پيپلز بس سروس صهيب شفيق، مينيجر آپريشنز پيپلز بس سروس عبدالشڪور، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بشير حسين شرڪت ڪئي.










