نوشھروفيروز (ن س)ڀرياروڊ جي گوشت مارڪيٽ گلي جي رھواسي مقصود احمد مغل جو نوشھروفيروز جي سول اسپتال اندر پاڙيسرين جي اطلاع تي سندس ڪوارٽر مان پراسرار طور 2 ڏينهن پراڻو لاش ھٿ آيو پاڻ ڪجهه مهينا اڳ صحت کاتي مان رٽائرڊ ٿيو هو ۽ اڪثر نشي جي حالت ۾ هوندو هو سندس ٻه گهر واريون هيون جن کي پاڻ گهران ڪڍي ڇڏيو هئائين سندس هڪ گهر واري ڀرياروڊ ۽ ٻي فيصل آباد جي رهاڪو آھن گهرو اڻبڻت سبب پاڻ اڪيلو زندگي گذاريندو هو ڊاڪٽرن موجب سندس موت طبي آھي جنهن جو اطلاع سندس ٻنهي گهر وارين کي ڪيو ويو جنهن کان پوء ضروري ڪاروائيء کان پوء سندس وڏي گهر واري ۽ ڀاء مرحوم جو لاش ڀرياروڊ کڻائي ويا ان موقعي تي سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ADHO، ڊاڪٽر محمد صفر چنه چيف ميڊيڪل آفيسر ۽ ٻيا موجود هئا.










