دادو(ن سنڌيار)دادو جي سول اسپتال ۾ اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ آغا رحيم جو اوچتو ڇاپو مريضن اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ بابت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ايمبولنس نه ملڻ، دوائن جي کوث. ڊاڪٽرن جي کوٽ جون شڪايتون اسپيشل سيڪريٽري آغا رحيم ۽ ڊپٽي ڊي اي او ڊاڪٽر امجد مستوئي سول اسپتال جو اچتو وزٽ ڪيو ان موقعي تي هڪ مريض جي وارث دانهيو ته ٻار سيريس آهي ڊاڪٽرن پاران سيوهڻ ريفر ڪيو ويو آهي پر ايمبولنس فراهم نه پئي ڪئي وڃي اسپيشل سيڪريٽري سول اسپتال دادو جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي کي سخت ڇنڊ پٽي اسپتال ۾ مريضن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جون سخت هدايتون اسپيشل سيڪريٽري سول اسپتال جي مختلف وارڊن جو وزٽ پڻ ڪيو اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ تي اسپتال انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ٻوڏ ۽ برساتن بعد سيڪريٽري هيلٿ جي هدايتن تي دادو پهتو آهيان ٻارن جي وارڊ ۾ هڪ بيڊ تي ٻه کان ٽي ٻار داخل ڪيا ويا آهن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي سيڪريٽري کي رپورٽ موڪلي ويندي










