لاکا روڊ(ن سنڌيار)لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ مير محمد سولنگيءَ ۾ گهرن کي اوچتو باھ لڳي وئي ،ڳوٺاڻن پهچي باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باھ تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ،جنهن سبب ٽن ڀائرن هر هڪ غلام سرور سولنگي ، رجب علي ۽ محمد سلطان جا گهر سڙي رک ٿي ويا،گهرن ۾ پيل سمورو سامان هنڌ بسترا ،پيتيون ،لٽو ڪپڙو ،اناج ،ٻن نياڻين جو ڏاج ۽ سولر پنکا ،سولر پليٽون،ٽي وي،روڪ رقم اٽڪل 30 هزار ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو،متاثر فقط چوپايو مال ۽ جانيون بچائي سگهيا.متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل..متاثرن وزير اعلي سنڌ ،ڊي سي نوشهرو فيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي تہ غريب پورهيت آهيون،ٻيهر اجھا ٺاھڻ لاء مالي مدد ڪئي وڃي.










