سولر پينل جي آڙ ۾ مني لانڊرنگ، جعلي ڪمپنين تي 111 ارب رپين جو ڏنڊ

سولر پينل جي آڙ ۾ مني لانڊرنگ، جعلي ڪمپنين تي 111 ارب رپين جو ڏنڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ سولر پينل جي درآمد جي آڙ ۾ اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪندڙ ڪمپنين تي اربين رپين جا جرمانا لاڳو ڪيا ويا آهن.ڊائريڪٽر ڪسٽم پوسٽ ڪليئرنس آڊٽ جي جاچ کان پوءِ، ايف بي آر 13 جعلي درآمدي ڪمپنين تي ڪل 111 ارب رپين جو جرمانو لاڳو ڪيو.ايف بي آر موجب، جعلي ڪمپنين سولر پينل جي درآمد ڏيکاري ملڪ کان 120 ارب رپيا ٻاهرين ملڪ منتقل ڪيا، ۽ جعلي ڪمپنين جي هڪ نيٽ ورڪ جعلي دستاويزن تي بينڪن ۾ 140 ارب رپيا جمع ڪرايا.ايف بي آر موجب، 13 جعلي ڪمپنيون پشاور، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد جون آهن، جڏهن ته سولر پينل جا 327 ڪنٽينر ڪراچي جي مختلف بندرگاهن تي موجود آهن. حڪومت کي انهن جي نيلامي مان 1.5 ارب رپيا ڪمائڻ جي اميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو