سولر صارفين لاءِ وڏو ڌچڪو، ’نيٽ بلنگ‘ جو نئون نظام ڇا آهي؟

سولر صارفين لاءِ وڏو ڌچڪو، ’نيٽ بلنگ‘ جو نئون نظام ڇا آهي؟

اسلام آباد(رپورٽ تنوير ملڪ)پاڪستان ۾ بجلي واري شعبي جي نگران اداري، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) پاران ملڪ ۾ سولر صارفين لاءِ نيٽ ميٽرنگ جي جاءِ تي نيٽ بلنگ متعارف ڪرائڻ بعد ڪيترائي ماڻهو اهو سوال ڪري رهيا آهن ته هي نئون نظام ڇا آهي ۽ ان سان سولر سسٽم استعمال ڪندڙ نون ۽ پراڻن صارفين تي ڪهڙو اثر پوندو؟
نيپرا پاران متعارف ڪرايل نون قاعدن موجب نيٽ ميٽرنگ سان ڳنڍيل پراڻا صارف پڻ هاڻ نيٽ بلنگ جي نظام تي منتقل ڪيا ويندا، جڏهن ته نون صارفين لاءِ متعارف ڪرايل قاعدن تحت ’نيٽ بلنگ‘ نظام سان ڳنڍجڻ کانسواءِ نيپرا سان انهن جي معاهدن جي مدي کي پنج سال مقرر ڪيو ويو آهي۔
هن نئين نظام سان بنيادي تبديلي اها ايندي ته نيپرا جي نون قاعدن تحت هاڻ سولر صارف پنهنجي اضافي بجلي اڳ جي ڀيٽ ۾ سستي اگهه تي وڪرو ڪندا، جڏهن ته پنهنجي ضرورت لاءِ بجلي مهانگي ٽيرف تي خريد ڪرڻي پوندي۔ ان کان اڳ نيٽ ميٽرنگ تحت صارف جيتري بجلي پيدا ڪندو هو، اوترو ئي بجلي جو بل گهٽجي ويندو هو۔
پاڪستان ۾ نيٽ ميٽرنگ جي نظام ۾ هي پهرين تبديلي ناهي۔ گذريل سال مارچ ۾ وفاقي حڪومت نيٽ ميٽرنگ جي صارفين کان بجلي خريد ڪرڻ جي قيمت يارنهن رپيا في يونٽ مقرر ڪئي هئي۔
پاڪستان ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سبب تازن سالن ۾ سولر ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جو رجحان وڌيو آهي، جنهن جو هڪ وڏو سبب سولر پينلن جو سستو ٿيڻ آهي۔ ماهرن موجب هن وقت ملڪ ۾ سولر سسٽمن ذريعي لڳ ڀڳ 7000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ نيٽ ميٽرنگ ۽ نان نيٽ ميٽرنگ سولر صارف ٻئي شامل آهن۔
توانائي شعبي جي ماهرن مطابق نيپرا پاران نئون نظام متعارف ڪرائڻ جو سبب قومي گرڊ مان بجلي جي گهٽ واپرائڻ آهي، جنهن کي حڪومت وڌائڻ چاهي ٿي۔
پر ماهرن جو خيال آهي ته نيٽ بلنگ جو نئون نظام صارفين کي بيٽري سسٽم اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو، ڇو ته نون شرطن بعد هي نظام سولر صارفين لاءِ اڳ جيترو پرڪشش نه رهيو آهي۔
سولر صارفين لاءِ ’نيٽ بلنگ‘ جو نظام ڇا آهي؟
نيپرا پاران متعارف ڪرايل نيٽ بلنگ نظام تحت موجوده سولر صارف پنهنجا معاهدا ختم ٿيڻ تائين پراڻي نظام تي رهندا، جڏهن ته نون صارفين ۽ تجديد ڪرائيندڙن تي نئون نظام لاڳو ٿيندو۔
نئين نظام موجب جيڪڏهن ڪو صارف گرڊ کي ڏنل بجلي جي ڀيٽ ۾ گهٽ بجلي استعمال ڪري ٿو ته اضافي رقم يا ته ايندڙ بل ۾ شامل ڪئي ويندي يا هر ٽن مهينن بعد ادا ڪئي ويندي۔
نيپرا سولر سسٽم جي وڌ ۾ وڌ حد هڪ ميگاواٽ مقرر ڪئي آهي ۽ شرط رکي آهي ته سسٽم جي گنجائش صارف جي منظور ڪيل لوڊ کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي۔
توانائي شعبي جي ماهر عافيه ملڪ بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته: ’نيٽ ميٽرنگ نظام ۾ ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ يونٽ هڪ ٻئي مان گھٽايا ويندا هئا، پر نيٽ بلنگ نظام ۾ اهڙو ڪو آپشن موجود ناهي۔‘
هن وڌيڪ چيو ته:’گرڊ مان بجلي وٺڻ تي اها ئي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، جيڪا نان سولر صارف ادا ڪن ٿا۔‘
عافيه ملڪ ٻڌايو ته: ’نئين نظام تحت بجلي جون ڪمپنيون سولر صارفين کان اضافي بجلي قومي سراسري قيمت تي خريد ڪنديون، جيڪا هن وقت لڳ ڀڳ 11 رپيا في يونٽ آهي۔ جڏهن ته اهي ئي صارف جڏهن گرڊ مان بجلي وٺندا ته کين 40 کان 50 رپيا يا ان کان به وڌيڪ في يونٽ ادا ڪرڻا پوندا۔‘
نيٽ بلنگ جي نئين نظام سان پراڻا صارف ڪيئن متاثر ٿيندا؟
نيٽ ميٽرنگ سان ڳنڍيل پراڻا صارف پڻ نئين نظام تحت نيٽ بلنگ سان لاڳاپيل ٿي ويندا۔ ان حوالي سان عافيه ملڪ چيو ته: ’نئون قاعدو پراڻن صارفين تي به لاڳو ٿيندو ۽ اهي به نيٽ ميٽرنگ بدران نيٽ بلنگ نظام سان ڳنڍيا ويندا۔‘
هن موجب: ’پهرين اضافي بجلي جي يونٽن جي حساب سان جيڪي فائدا صارفين کي حاصل هئا، اهي هاڻ برقرار نه رهندا۔‘
هن وڌيڪ چيو ته: ’نئين قاعدن تحت سندن معاهدن تي ڪو اثر نه پوندو ۽ اهي ستن سالن تائين برقرار رهندا، البت ايڪسپورٽ ڪيل يونٽن جو ڪريڊٽ هاڻ هر مهيني ڏنو ويندو، جيڪو اڳ ٽن مهينن لاءِ هوندو هو۔‘
نيٽ بلنگ: نون صارفين لاءِ پاليسي ڇا آهي؟
نيٽ بلنگ نظام تحت متعارف ڪرايل پاليسي موجب، جڏهن ڪنهن صارف جو سولر سسٽم بجلي جي نظام سان ڳنڍبو ته هر بلنگ سائيڪل جي آخر ۾ بجلي ورهائڻ واري ڪمپني (ڊسڪو) حساب ڪندي ته صارف ڪيتري بجلي پاڻ استعمال ڪئي ۽ ڪيتري بجلي سولر ذريعي پيدا ڪئي۔
توانائي شعبي جي ماهر زيان بابر بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو:’ان جو مطلب اهو آهي ته ڊسڪو صارف کان سولر ذريعي پيدا ڪيل بجلي خريد ڪندي، پر صارف جي پنهنجي واپرائڻ جو بل عام مهانگي شرح تي ئي تيار ٿيندو۔ البت سولر ذريعي ڏنل بجلي جي رقم بل مان گهٽائي ويندي۔‘
نيپرا موجب جيڪڏهن ڪنهن مهيني صارف پاران گرڊ کي ڏنل بجلي جي رقم، ڊسڪو کان ورتل بجلي جي بل کان وڌيڪ ٿي وڃي ته اها اضافي رقم يا ته ايندڙ بل ۾ ايڊجسٽ ڪئي ويندي يا هر ٽن مهينن بعد صارف کي ادا ڪئي ويندي۔
زيان بابر ٻڌايو ته: ’نئين قاعدن تحت هاڻ سولر صارف کي پنهنجي منظور ڪيل لوڊ کان وڌيڪ صلاحيت وارو سولر سسٽم لڳائڻ جي اجازت نه هوندي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته گهريلو صارف ضرورت کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري گرڊ کي فراهم نه ڪن۔‘
ان حوالي سان عافيه ملڪ جو چوڻ آهي ته: ’نئين پاليسي تحت نيٽ بلنگ جو نظام سولر صارفين لاءِ گهڻو پرڪشش ناهي۔‘
هن چيو: ’وڌيڪ امڪان اهو آهي ته صارف نيٽ بلنگ بدران سولر پينلن سان گڏ بيٽريون لڳائي پنهنجي بجلي محفوظ ڪندا، ڇو ته نئون نيٽ بلنگ نظام مالي لحاظ کان سندن لاءِ وڌيڪ فائديمند نه رهيو آهي۔‘
ماهرن موجب حڪومت نئين نظام تحت گرڊ مان بجلي جي واپرائڻ کي وڌائڻ چاهي ٿي، ڇو ته گهٽ واپرائڻ سبب نان سولر صارفين تي ڪيپسٽي پيمنٽ جو بار پوي ٿو۔
زيان بابر چيو ته: ’هن وقت اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڇا هي پاليسي واقعي گرڊ مان بجلي جي واپرائڻ کي وڌائي سگهندي يا نه۔‘
جڏهن ته عافيه ملڪ جو خيال آهي ته مهانگي بجلي سبب گرڊ مان واپرائڻ وڌڻ جا امڪان گهٽ آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏهن ماڻهو نيٽ بلنگ ۾ گهٽ سهولتن سبب مطمئن نه ٿيا ته هو متبادل طور سولر پينلن سان بيٽريون لڳائي پنهنجي بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا۔(نوٽ، هي اسٽوري ۽ تصوير بي بي سي اردو تي شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پيش ڪري رهيا آهيون. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو