اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انفارميشن ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته ڪنهن به سوشل ميڊيا جو بليڪ آئوٽ يا انٽرنيٽ کي بند ڪرڻ مسئلن جو حل نه آهي وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته انترنيٽ سروس متاثر ٿيڻ سان اربين رپين جو نقصان ٿيو منسٽري آف آئي ٽي ڪنهن به پابندي جي خلاف آهي جنهن سان ترقي بند ٿي وڃي ٿي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ٿيو سيد امين الحق چيو ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن آزاد اداري طور ڪم ڪري ٿووي پي اين مسئلي جو حل نه آهي اسان کي براڊ مائنڊ ٿيڻو پوندو هن چيو ته مخصوص علائقن ۾ انٽرنيٽ بند ڪري سگهجي ٿي انٽرنيٽ کي بند ڪرڻ سان آئي ٽي انڊسٽري کي اربين رپين جو نقصان ٿيو. انٽرنيٽ بند نه ٿيڻ گهرجي وفاقي وزير چيو ته آئي ٽي انڊسٽري کي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. وڪي پيڊيا ڏيڍ مهينو بند ٿيو هو اسان ترت قدم کنيا. ۽ ان کي بحال ڪرايو مان ڪوشش ڪندس ته مستقبل قريب ۾ انٽرنيٽ سروس بند نه ٿئي.










