سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ جميل فاروقي گرفتار

سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ جميل فاروقي گرفتار

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد پوليس سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ جميل فاروقي کي گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد پوليس پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي يوٽيوب جميل فاروقي جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي.اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار جميل فاروقي اسلام آباد پوليس تي ڪوڙا الزام هنيا، سندس خلاف رمنا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اسلام آباد پوليس موجب جوابدار شهباز شبير تي پوليس تي جسماني ۽ جنسي تشدد جو الزام هنيو هو.ترجمان موجب اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس اشتعال انگيز، ڪوڙا ۽ ڪوڙا الزام لڳائيندڙن خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو