سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ مريم ملڪ خلاف انڪوائري بند

سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ مريم ملڪ خلاف انڪوائري بند

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ مريم ملڪ خلاف ادارن خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائڻ تي انڪوائري بند ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران مريم ملڪ پنهنجي وڪيل ايمان مزاري سان گڏ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي مريم ملڪ خلاف انڪوائري بند ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ايف آءِ اي جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته انڪوائري بند ٿي وئي آهي يا اڃا ٿيڻي آهي؟ ايف آءِ اي عدالت کي جواب ڏنو ته انڪوائري بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالتي حڪم تي عمل ٿي چڪو آهي، ان ڪري درخواست اڪلائينداسين.جنهن بعد سپريم ڪورٽ درخواست خارج ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو