مانجهند(مهراڻ عمراڻي) پوليس اسٽيشن مانجهند جي ايس ايڇ او علي پريو جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي لاکا لنڪ روڊ ڀرسان ڪار تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن وٽان سوا ڪلو چرس ۽ پنج ڪٽا نشي آور سوپاريون هٿ ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب 3 جوابدارن منشيات وڪرو ڪرڻ لا۽ ڪار ۾ سوار ٿي لاکا لنڪ روڊ ڏئي وڃي رهيا هئا ته کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته فرار ٿي رهيا هئا، پوليس پيڇو ڪري ٻن جوابدارن راهب علي ڪوري ۽ منصور علي کوسو کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته هڪ ڄڻو گلشير جوڳياڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ايس ايڇ او موجب جوابدارن وٽان هٿ آيل ڪار به شڪي آھي جنهن تي انجڻ نمبر لکيل ناهي جنهن جي به جانچ ڪنداسين جڏهن ته 3 جوابدارن تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري گرفتار ٻن ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت کين جيل موڪلي ڇڏيو.










