اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سينيٽ ۾ اعظم سواتي ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي لاءِ محمود خان اچڪزئي کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجه سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هنن کي پي ٽي آءِ باني سان منهنجي ملاقات ڪرائڻي پوندي. اسان موڪلون ختم ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ ۾ اسان جو توهين عدالت جو ڪيس لڳل آهي.هن چيو ته اسان جي توهين عدالت ڪيس جي شنوائي نه پئي ٿئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انهي ملاقات جي حوالي سان حڪم ڏنو آهي پر انهي تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. پي ٽي آءِ باني ضمني چونڊن جي حوالي سان پارٽي جي سياست ڪميٽي تي معاملو ڇڏي ڏنو آهي. پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام جو ٿيندو. جنهن ۾ انهي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو.سلمان اڪرم راجه چيو ته پي ٽي آءِ باني پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ جي حوالي سان پنج نالا گهريا آهن جن مان هڪ تي فيصلو ٿيندو. عمران خان قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو، سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ اعظم خان سواتي کي مقرر ڪيو ويو آهي. محمود خان اچڪزئي اپوزيشن گرينڊ الائنس جو سربراهه به آهي.اليڪشن ڪميشن عدالت جي فيصلي کان پوءِ عمر ايوب جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو هو جنهن جي خلاف ٻنهي اڳواڻن پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.










