سواتي خلاف ڪيس, ڊپٽي اٽارني جنرل کي حڪومت کان هدايتون وٺڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي خلاف داخل ڪيسن تي ڊپٽي اٽارني جنرل کي گهرو سيڪريٽري کان هدايتون وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جي ڪيسن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اعظم سواتي جو وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته اعظم سواتي هن وقت جسماني رمانڊ تي آهي، مٿس سڄي ملڪ ۾ 50 ڪيس داخل آهن.وڪيل بابر اعواڻ چيو ته درخواست آهي ته اعظم سواتي خلاف سڄي ملڪ ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل گهرو سيڪريٽري کان طلب ڪيا وڃن. هن چيو ته جيستائين منهنجي موکل خلاف سمورن ڪيسن جا تفصيل نه اچن، تيستائين ڪنهن کي به هٿ نه ڏنو وڃي. وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته اعظم سواتي خلاف سڀ کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۽ بلوچستان ۾ داخل آهن. عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته گهرو سيڪريٽري صوبائي آءِ جيز کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري ٿو؟ وڪيل بابر اعواڻ چيو ته آءِ جيز کي گهرو سيڪريٽري ڪنٽرول ڪري ٿو. عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي گهرو سيڪريٽري کان هدايتون وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته چيڪ ڪريو ۽ ٻڌايو ته ڇا گهرو سيڪريٽري جو ڪنٽرول ڪيئن آهي اهو ٻڌايو پيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو