سوات (ويب ڊيسڪ)سوات جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پوليس اسٽيشن تي ڌماڪي سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو آهي، جن ۾ 9 پوليس اهلڪار شامل آهن. اڱاري تي فوتين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد لاش سندن اباڻڻ علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن. واقعي جي جاچ بابت اڃا حتمي رپورٽ ته سامهون ناهي آئي پر ابتدائي رپورٽ موجب ٻاهران حملي جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن. رپورٽ م هڪ پاسي مال خاني ۾ پيل بارود جي ڦاٽڻ ۽ شارٽ سرڪٽ سبب هڪ ٻئي پويان 2 ڌماڪا ٿيا. پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بارود جي گودام ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب 16 ڄڻا سڙي فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته ڌماڪو سي ٽي ڊي جي پراڻي آفيس ۾ ٿيو، اهو ظاهر ناهي ته آپگهاتي يا دهشتگردي جو واقعو آهي.ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي موجب ڪوٽ ۾ رکيل هٿياربندن جي لاپرواهي سبب ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ سي ٽي ڊي جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ سي ٽي ڊي جا 18 اهلڪار زخمي ٿيا آهن. ڊي پي او موجب ڪبل ڌماڪي جا ثبوت نه مليا، ڌماڪو شارٽ سرڪٽ سبب ٿي سگهي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي پي او شفيع الله گنڊاپور چيو ته ڪبل جي علائقي سوات ۾ سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن تي ڌماڪو شارٽ سرڪٽ سبب ٿيو، هڪ ڌماڪي جي 12 منٽن کانپوءِ ٻيو ڌماڪو ٿيو.ڊي پي او چيو ته مارجي ويل ٽن شهرين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، ماهرن واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو آهي، ڌماڪي ۾ خودڪشي يا حملي آور جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن.ٻئي طرف ڪبل ڌماڪي جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.پوليس ذريعن موجب ڌماڪي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ گهرو سيڪريٽري عابد مجيد ۽ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ شامل آهن.جاچ ڪميٽي واقعي واري هنڌ تان مليل ثبوتن جو جائزو وٺندي ۽ ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو جلد جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪري.










