انگلينڊ ناروي ۽ ارجنٽائين سوئٽزرلينڊ کي شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچي ويا

انگلينڊ ناروي ۽ ارجنٽائين سوئٽزرلينڊ کي شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچي ويا

ڪنساس(ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ کي شڪست ڏئي دفاعي چيمپيئن ارجنٽائن سيمي فائنل ۾ پهچي ويو. جڏهن ته ميامي جي سخت گرمي ۾ کيڏيل ڪوارٽر فائينل ميچ ۾ انگلينڊ ناروي کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچي ويو آهي. انگلينڊ جا ٻئي گول جوڊ بيلنگهيم ڪيا. بيلنگهيم 60 سالن بعد انگلينڊ جي عالمي ڪپ کٽڻ جي اميد پيدا ڪئي آهي. سيمي فائينل ۾ انگلينڊ ۽ ارجنٽائن جو مقابلو ٿيندو جڏهن ته فرانس ۽ اسپين ۾ سيمي فائينل جو مقابلو ٿيندو. فٽبال ورلڊ ڪپ جي چوٿين ڪوارٽر فائنل ۾ پهريون گول ارجنٽائن جي طرفان 10 هين منٽ ۾ ميڪ اليسٽر اسڪور ڪيو، جنهن کي سوئٽزرلينڊ جي طرفان ڊوئي 67 هين منٽ ۾ گول ڪري برابر ڪري ڇڏيو.مقرر وقت تائين ڪوارٽر فائنل 1-1 گول تان برابر رهيو، جنهن کانپوءِ ميچ کي فيصلاڪن بڻائڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ جو اضافي وقت ڏنو ويو. اضافي وقت ۾ ارجنٽائن سوئٽزلينڊ خلاف ٻيو گول اسڪور ڪيو. ارجنٽائن جي طرفان اهو گول اضافي وقت جي ٻئي هاف ۾ الواريز ڪيو، جڏهن ته راند جي آخري لمحن ۾ ارجنٽائن ٽيون گول اسڪور ڪري سيمي فائنل تائين پهچ کي يقيني بڻائي ڇڏيو. سيمي فائنل ۾ ارجنٽائن جو مقابلو انگلينڊ سان ٿيندو. ريفري سوئٽزرلينڊ جي رانديگر ايمبولو کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. ايمبولو اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته کيس ارجنٽائن جي رانديگر ڪيرايو آهي، پر ريفري وي اي آر (VAR) ذريعي فائول چيڪ ڪرڻ کانپوءِ سوئٽزرلينڊ جي رانديگر کي ڪرٽڻ جي اداڪاري ڪرڻ تي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ٻاهر موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو