ڊيرا بگٽي(ويب ڊيسڪ)لويز اهلڪارن ٻڌايو آهي ته سوئي جي علائقي مان نامعلوم هٿياربندن جي هڪ گروپ 9 ڌنارن کي اغوا ڪري ويا آهن. ليويز جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ تي هو علائقي ۾ پهتا آهن ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششُن ڪري رهيا آهن. اغوا ٿيل 9 ئي ڄڻا بگٽي قبيلي جا آهن. سندن اغوا جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو، ان بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










