سوئز سيڪريٽس وارن 1400 پاڪستانين خلاف جاچ ڪريو

سوئز سيڪريٽس وارن 1400 پاڪستانين خلاف جاچ ڪريو

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر ۽ سرواڻ جتوئي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ مطالبو ڪيو آھي تھ سوئس سيڪريٽس ۾ شامل پاڪستان جي 1400 ڪرپٽ ماڻھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو آھي تھ  ملڪ جي عوام جو رت چوسڻ ذريعي گڏ ڪيل اربين رپيا پرڏيھي بينڪن ۾ رکندڙن کي گرفتار ڪري ڪرپشن جو پئسو واپس ڪيو وڃي. آرگنائيزڊ ڪرائيم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پروجيڪٽ (او.سي.سي.آر.پي) مختلف ملڪن جي 160 صحافين سان گڏجي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڏوھارين، ڪرپٽ سياستدانن، آمرن ۽ جاسوسن جا غيرقانوني طور ڳجھي نموني کليل 18ھزار اڪائونٽن جا تفصيل پڌرا ڪيا آھن جن جي ماليت 17600 ارب روپين جي لڳ ڀڳ آھي. ھن رپورٽ کي سوئس سيڪريٽس جو نالو ڏنو ويو آھي. اڳواڻن مطالبو ڪيو تھ پاڪستان جي جن 1400 شخصيتن جا نالا سوئيس سيڪريٽس ۾ شامل آھن انھن جي نالن جي فھرست ۽ انھن مان ھر ھڪ جي اڪائونٽن جي ماليت عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي.  اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ حڪمرانن ميڊيا کي پيڪا آرڊيننس واري پڃري ۾ قيد ڪري سوئس سيڪريٽس جي ذميوارن کي بچائڻ جي سازش ڪئي آھي. وفاقي حڪومت توڙي مخالف ڌر وارا سوئس بينڪ ۾ پاڪستاني عوام جا پئسا چورائي لڪائيندڙن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ٻڙڪ بھ ٻاھر نٿا ڪڍن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو