سهاڳ رات سيڪس سبب اسپتال داخل ٿيڻو پيو؟

لاهور (فرحت جاويد) “مان مڙس آڏو روئندي رهيس ۽ کيس چيو ته صبر ڪر پر هو زور سان سيڪس ڪندو رهيو ۽ اها رات منهنجي زندگي جي تڪليف ڏيندڙ رات هئي”. حبيبه (فرضي نالو) لاهور جي آهي ۽ پنهنجي سهاڳ رات جي ڪهاڻي ان ڪري ٻڌائڻ چاهي ٿي جيئن هو سيڪس سبب پيدا ٿيندڙ طبي مسئلن بابت معلومات شيئر ڪري سگهي. سيڪس هميشه لذت ڀريو عمل ناهي هوندو پر ڪڏهن ڪڏهن سخت تڪليف ڏيندڙ مرحلو به هوندو آهي. حبيبه جي شادي 3 سال اڳ پنهنجي خاندان جي مرضي ۽ پسند سان ٿي هئي.

مڱيندي سان روز سيڪس سميت هر موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ۽ اسين پورن ويڊيو به هڪٻئي سان شيئر ڪندا هئاسين ۽ مان سمجهندي هئس ته پهريون ڀيرو سيڪس ڪرڻ سان ڪو مسئلو نه ٿيندو. منهنجي مڙس کي به اها خبر هئي ته پهريون ڀيرو سيڪس سبب ڇوڪري جو “هائمن” ياد بڪارت وارو پردو ڦاٽندو آهي ان سان ڇوڪري کي ڪجهه تڪليف ٿيندي آهي. منهنجي مڙس کي دوستن ۽ مائٽن چيو هو ته عورت کي تڪليف ٿيندي آهي ۽ هوءَ منع به ڪندي آهي پر توکي ڀرپور سيڪس ڪرڻو آهي ڇڏڻو ناهي.

سهاڳ رات مونکي درد ٿيو پر ڪجهه دير ۾ حد کان وڌي ويو. نه سور پيو ختم ٿئي نه وري رت بند ٿيو ۽ مونکي نيٺ اسپتال وڃڻو پيو. منهنجو مڙس ۽ سس اسپتال وٺي آيا ۽ اندروني الٽرا سائونڊ ٽيسٽ ۽ اسڪين ٿيڻ بعد ڊاڪٽر ٻڌايو ته وجائنل ٽريڪ سوڙهو آهي جنهن کي نقصان پهتو آهي علاج کانسواءِ سيڪس ممڪن ناهي. مونکي تمام گهڻي شرمندگي ٿي رهي هئي سڄي خاندان کي خبر پئجي وئي پر منهنجي مڙس ۽ سس وڏي مدد ڪئي ۽ هنن چيو ته ان ۾ تنهنجو قصور ناهي هي قدرتي معاملو آهي. ڊاڪٽر چيو ته تنهنجا “هائمن ٽشوز” ٿلها آهن جنهن سبب سيڪس ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ ان ڪيفيت کي ميڊيڪل جي ٻولي ۾ هائپر ٽرافائيڊ چئبو آهي. ان ڪيفيت ۾ هائمن ۾ سورخ ته هوندو آهي پر ٽشوز جي ٿولهه مختلف تهن سبب وڌيڪ هوندي آهي جنهن کي معمولي سرجري ذريعي ٺيڪ ڪيو ويندو آهي. اهڙي صورت ۾ زبردستي سيڪس سان وجائنا ٽريڪ کي نقصان ٿيندو آهي ۽ عورت تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪندي آهي. حبيبه جي سرجري ڪئي وئي ۽ وجائنا ٽريڪ کولڻ لاءِ کيس ڊائليٽر ڏنو ويو جنهن جي استعمال سان سيڪس لاءِ رستو هموار ٿيندو آهي. هڪ مهيني جي ڊائليٽر ذريعي ٽريڪ ٺيڪ ٿيڻ بعد ڊاڪٽر چيو ته هاڻي ڀلي سيڪس ڪريو. ان باري ۾ لاهور جي اينڊرولوجسٽ ۽ سيڪسالوجسٽ ڊاڪٽر ثمره امين چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪيسن م ويجائنل ٽريڪ ايترو تنگ هوندو آهي جو سيڪس ۾ سخت تڪليف ٿيندي آهي جهڙي طرح حبيبه کي ٿي. اهڙي صورت ۾ زبردستي سيڪس سبب ٽريڪ ڦاٽندو آهي ۽ ٽاڪا لڳائڻا پوندا آهن ۽ زخم ٿيندا آهن ۽ مستقبل جي زندگي عذاب بڻجي ويندي آهي.

هن چيو ته شادي کان اڳ ذهني هم آهنگي ضروري آهي جنهن بعد آهستي آهستي جسماني هم آهنگي پيدا ڪرڻ گهرجي. پهرين رات سيڪس نه ڪيو ته وليمي جي ماني حرام ٿي ويندي جهڙن فرسودا چوڻين کي وسارڻ گهرجي ۽ زبردستي سيڪس نه ڪرڻ گهرجي پارٽنر جو خيال رکڻ لازمي آهي. ڊاڪٽر ثمره جو چوڻ آهي ته شادي جي پهرين رات مرد تي پرفارمنس اينگزائٽي جو نفسياتي دٻاءُ هوندو آهي ڇا ٿيندو ڪري سگهندس يا نه، خاندان وارن دوستن سوئٽن جو دٻاءُ هوندو آهي ته پلنگ ٽوڙ سيڪس ڪجان. ان بابت والدين ۽ دوستن کي ۽ ڇوڪري کي به خبر هجڻ گهرجي ۽ هو ان جو حل تلاش ڪن. ڇوڪري سان پهريون ڀيرو سيڪس ڪرڻ وقت مردانگي جو مظاهرو ناهي ڪرڻو ۽ اها ڪا مردانگي ناهي هوندي. ڊاڪٽر ثمره ٻڌايو ته هن وٽ اهڙا ڪيس به آيا آهن جنهن ۾ سهاڳ رات سيڪس سبب تڪليف جي ڪري عورت سيڪس کان خوفزده ٿي ويندي آهي ۽ 8 سال هڪ جوڙي سيڪس نه ڪيو. جيڪڏهن پهريون ڀيرو سيڪس بعد تڪليف وڌي ٿي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي اها شرمائڻ جي ڳالهه ناهي. ان جو علاج موجود آهي مختلف قسم ۽ سائيز جا ڊائليٽرز موجود آهن جن جي استعمال بعد نارمل سيڪس ڪري سگهجي ٿو.

سندس چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو سيڪس ڪرڻ وقت مرد جلدي ۾ هوندو آهي ۽ عورت کي تيار نه ڪندو آهي ۽ سندس وجائنا ۾ لبريڪيشن نه ٿيڻ سبب به تڪليف ٿيندي آهي. پارٽنر کي سيڪس لاءِ تيار ڪرڻ به لازمي آهي. (بشڪريه بي بي سي، خاڪا شاداب نظمي جا ٺهيل آهن). نوٽ سنڌيار؛ سيڪس ايجوڪيشن بابت ڳالهه ٻولهه کي اسانجي معاشري ۾ بهتر نه سمجهيو ويندو آهي ۽ سيڪس سبب پيدا ٿيندڙ طبي پيچيدگين بابت کلي طور تي ڳالهائڻ کي مناسب به ناهي سمجهو ويندو جيڪو غلط آهي. ان باري ۾ والدين ۽ شادي ڪندڙ جوڙن کي شرم نه ڪرڻ گهرجي پر ان موضوع تي بحث ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪا پيچيدگي يا تڪليف آهي ته ان بابت ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گهرجي)

پهنجو تبصرو موڪليو