سنڌ ۾88 سينٽرن تي ويڪسينيشن جاري آهي، ترجمان

سنڌ ۾88 سينٽرن تي ويڪسينيشن جاري آهي، ترجمان

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ڳوٺاڻن صحت مرڪزن ۾ ڪوورونا کان بچاءَ لاءِ ويڪسين لڳائڻ جو عمل جاري آهي. آئي ايڇ ايس جي ريجنل آفيس حيدرآباد مان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اداري جي انتظام هيٺ 20 ضلعن جي 111 رورل هيلٿ سينٽرن ۽ تعلقي اسپتالن ۾ 84 ويڪسين سينٽر هلي رهيا آهن. آئي ايڇ ايس جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر اشوٿاما ويڪسين سينٽرن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اتر سنڌ جي جيڪب آباد ۽ قمبر ضلعن ۾ٽي ٽي، ڪشمور ۾چار، خيرپور ۾ 11، لاڙڪاڻي ۾8 شڪارپور ۾ 6 ۽ سکر جي ٻن صحت مرڪزن ۾ ويڪسين لڳائي پئي وڃي. شهيد بينظيرآباد ريجن جي ضلعن نوشهروفيروز جي 12، سانگھڙ جي ڇهن ۽ بينظير آباد ضلعي ۾ پنج ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيل آهن. ڊاڪٽر اشوٿاما وڌيڪ چيو ته لطيف آباد ۾ ڪوهسار اسپتال سميت حيدرآباد  ريجن جي باقي اٺن ضلعن ۾ آءِ ايڇ ايس جي انتظام هيٺ هلندڙ سمورن  صحت مرڪزن ۾ ويڪسين لڳائڻ جو عمل جاري آهي. انهن  ۾  ڄامشوري جا چار ، ميرپور خاص جا پنج ، مٽياري ۽ دادو ضلعن جي ڇهن ئي ۽ عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽندوالهيارمان هرهڪ ضلعي جي ٻن ٻن رورل سينٽرن، جڏهن ته ٽنڊومحمد خان ضلعي جي بلڙي شاه ڪريم اسپتال ۾ به روزانه ڪورونا ويڪسين لڳائي پئي وڃي. ڊاڪٽر اشوٿاما جو چوڻ هيو هن مرحلي ۾ وڏي عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائي پئي وڃي،  انهي لاءِ پنهنجي بزرگن کي اها ويڪسين ضرور لڳائڻ گھرجي. ڪنهن به افواهن ۽ غلط مفروضن تي ڪوبه ڌيان نه ڏجي. هنن صحت مرڪزن تي مڪمل ايس او پيز ۽ پروٽوڪول مطابق ويڪسين لڳائن جو بندوبست ڪيل آهي. جنهن مطابق ويڪسين کان پهرين ابتدائي ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ ويڪسين لڳائڻ کان پوءِ کين ڪجھ وقت مشاهدي هيٺ رکيو ويندو آهي. جيئن ڪنهن به ردعمل کي جانچڻ ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ٽرينڊ ڪووڊ اسٽاف جي نگراني ۾ هي عمل مڪمل ڪيو ويندو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو