سنڌ ۾ 52 خالي بلدياتي سيٽن تي چونڊ جو شيڊول جاري

سنڌ ۾ 52 خالي بلدياتي سيٽن تي چونڊ جو شيڊول جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) سنڌ پاران صوبي جي 52 خالي بلدياتي سيٽن تي ضمني چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، پولنگ 24 سيپٽمبر تي ٿيندي۔ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ترجمان مطابق شڪارپور، ڪشمور، گھوٽڪي، سکر، نوشهرو فيروز، حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري سميت ڪراچي اوڀر، ڪراچي اولهه ۽ ڪياماڙي ضلعن ۾ ضمني چونڊون 24 سيپٽمبر تي ٿينديون۔ ترجمان موجب نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو مرحلو 21 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين جاري رهندو، اميدوارن جي ابتدائي فهرست 25 آگسٽ تي جاري ڪئي ويندي، نامزدگي فارم جي جاچ پڙتال 26 کان 28 آگسٽ تائين ڪئي ويندي، نامزدگي فارم 8 سيپٽمبر تائين واپس ورتا وڃي سگهن ٿا۔ ترجمان اليڪشن ڪميشن سنڌ مطابق 9 سيپٽمبر 2025 تي اميدوارن کي انتخابي نشانات الاٽ ڪيا ويندا، سنڌ جي 19 مختلف ضلعن ۾ 52 سيٽن تي پولنگ 24 سيپٽمبر تي ٿيندي۔ ڪراچي ڊويزن جي 3 ضلعن جي 5 بلدياتي سيٽن تي ضمني چونڊون ٿينديون، ضلع اوڀر ۾ ٽي ايم سي سهراب ڳوٺ جي يوسي 8 تي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي۔ ضلع اولهه جي ٽي ايم سي منگهو پير جي يوسي 10 تي به وائيس چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي، ٽي ايم سي اورنگي جي يوسي نمبر 1 ۽ 7 تي چيئرمين ۽ جنرل ميمبر جي سيٽن تي ضمني چونڊون ٿينديون۔ ضلع ڪياماڙي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن بلديه جي يوسي 8 تي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي۔ اليڪشن ڪميشن ضمني بلدياتي چونڊن لاءِ ريٽرننگ آفيسرن (آر اوز) ۽ ضلعي ريٽرننگ آفيسرن (ڊي آر اوز) جي مقرري ڪري ڇڏي آهي، ضلع اوڀر، ضلع اولهه ۽ ڪياماڙي جا ڊپٽي ڪمشنر ڊي آر اوز جا فرض سرانجام ڏيندا۔ ضمني چونڊن وارن حلقن ۾ وفاقي ۽ صوبي حڪومت تي ترقياتي منصوبن جي اعلان ۽ سرڪاري وسيلن جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ ضمني بلدياتي چونڊن جي عمل مڪمل ٿيڻ تائين چونڊ وارن حلقن ۾ سڀني سرڪاري آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين تي به پابندي هوندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو