ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ تازي پوليو مخالف مهم ۾ 35,000 والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو. صحت واري وزارت جي ذريعن موجب، ڪراچي ۾ 34,000 کان وڌيڪ والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو.تازي پوليو مخالف مهم 1 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين سنڌ جي 25 ضلعن ۾ هلائي وئي.ڪراچي ۾ 2.1 ملين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو.










