سنڌ اسمبلي بجيٽ منظور ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ 100 وڏيون رٿائون مڪمل

سنڌ اسمبلي بجيٽ منظور ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ 100 وڏيون رٿائون مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ مالي سال 2026-27ع لاءِ 3.562 ٽريلين رپين جي بجيٽ منظور ڪري ورتي، جڏهن ته 165 ارب رپين جون اضافي گرانٽس پڻ منظور ڪيون ويون. بجيٽ اجلاس دوران ايوان مخالف ڌر پاران پيش ڪيل 1,600 ڪٽ موشنز کي رد ڪري ڇڏيا. صوبائي اسيمبليءَ فنانس بل پڻ منظور ڪري ورتو، جنهن تحت ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موجوده ٽيڪسن کي وڌيڪ منطقي، منظم ۽ سادو بڻايو ويو آهي. اپوزيشن احتجاج ڪندي رهي. ان کان اڳ بجيٽ تي بحث سميٽيندي وڏي وزير آچر ڏينهن مالي سال2026-27ع لاءِ صوبائي حڪومت جي 3,652 ارب رپين جي بجيٽ جو ڀرپور دفاع ڪندي ان کي محتاط مالي نظم و ضبط، قانون سازي ۾ رڪارڊ شرڪت، زراعت، صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي ۾ نمايان ڪاميابين ۽ سنڌ کي واپار، ماليات، قابلِ تجديد توانائي ۽ سيڙپڪاري جو علائقائي مرڪز بڻائڻ واري هڪ پرعزم روڊ ميپ جو عڪس قرار ڏنو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ بحث کي اڪلائيندي وڏي وزير چيو ته صوبائي 344 ارب رپين جي بجيٽ خساري، وفاقي مالي وسيلن ۾ گهٽتائي ۽ گذريل مالي سال دوران 95 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي خرچن باوجود مالي نظم و ضبط برقرار رکيو آهي. هن چيو ته حڪومت ان باوجود اٽڪل 100 وڏا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا، سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪڻڪ ۾ خودڪفالت حاصل ڪئي، سماجي تحفظ جي پروگرامن کي ھٿي ڏني ۽ عوامي خدمتن جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جاري رکي. سندس حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جي دفاع ۽ سنڌ جي مستقبل جي ويزن تي ٻڌل خطاب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته ڪيٽي بندر کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي هڪ وڏي معاشي ۽ لاجسٽڪس مرڪز طور ترقي ڏني ويندي، سنڌ انٽرنيشنل فنانشل سينٽر قائم ڪيو ويندو، سڄي صوبي ۾ گرين انرجي نيٽ ورڪ جوڙيو ويندو ۽ ننڍن آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ زرعي مالياتي نظام متعارف ڪرايو ويندو. وڏي وزير ايندڙ مالي سال لاءِ 720 ارب رپين جي سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) جو پڻ اعلان ڪيو، جنهن مان 206 ارب رپيا ڪراچي لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ 1,800 کان وڌيڪ ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو. پنهنجي خطاب دوران سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مالي احتياط جو مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن ته سماجي شعبي جي خرچن جي تحفظ کي پڻ يقيني بڻايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته تعليم ۽ صحت جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو آھي، انتظامي خرچن ۾ 62 ارب رپين کان وڌيڪ گهٽتائي آندي وئي ۽ وسيلن کي ترقياتي رٿائن، سماجي ڀلائي، بنيادي ڍانچي ۽ معاشي ترقيءَ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. وڏي وزير سندس خطاب جو هڪ وڏو حصو مالي سال 2025-26ع دوران حڪومت جي ترقياتي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو. هڪ تفصيلي تصويري پريزنٽيشن ذريعي هن صحت، تعليم، آبپاشي، روڊن، رهائش، معذور ماڻهن جي شموليت، سياحت، راندين ۽ شهري ترقي جي مڪمل ٿيل رٿائنکي پيش ڪيو ۽ انهن کي ان ڳالهه جو ثبوت قرار ڏنو ته مالي مشڪلاتن باوجود صوبو ترقيءَ جي سفر کي جاري رکيو پيو اچي. هن سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (ايس پي ايڇ ايف) پروگرام جي ڪاميابي کي پڻ نمايان ڪندي ان کي دنيا جو سڀ کان وڏو “اونر ڊرِون” هائوسنگ رٿا قرار ڏنو. وڏي وزير موجب ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ هينئر تائين 10 لک گهر مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 6 لک گهر سڄي سنڌ ۾ تعمير هيٺ آهن. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته گذريل سالن دوران امن امان، صحت، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي ۾ مسلسل سيڙپڪاري صوبي کي بنيادي طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ٿر ڪول رٿا جي ڪاميابي، اين آءِ سي وي ڊي ذريعي دل جي بيمارين جي مفت علاج جي سهولتن جي توسيع، سرڪاري صحت جي نظام ۾ بهتري ۽ قابلِ تجديد توانائي جي وڌندڙ صلاحيت جو حوالو ڏيندي هن چيو ته سنڌ هاڻي پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي اهم ترين مرڪزن مان هڪ بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وفاق ۾ سنڌ جي ڪردار ۽ خدمتن جي اعتراف جي ضرورت تي زور ڀريندي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت قومي استحڪام جي حمايت جاري رکندي، پر صوبي جي آئيني، مالي ۽ ترقياتي حقن جي تحفظ تان پوئتي نه ھٽبو. وڏي وزير سنڌ جي ترقياتي ايجنڊا تي وڌندڙ بين الاقوامي اعتماد جو پڻ ذڪر ڪندي ٻڌايو ته گذريل اڍائي مهينن دوران ورلڊ بينڪ سنڌ لاءِ لڳ ڀڳ 1.7 ارب آمريڪي ڊالر ماليت جي رٿائن جي منظوري ڏني آهي. هن انهن منظورين کي صوبي جي حڪمراني ۽ ترقياتي حڪمت عملي تي عالمي اعتماد جو اظهار قرار ڏنو. سيد مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) جي فريم ورڪ کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته سنڌ ايندڙ سالن ۾ وڏن بنيادي ڍانچي، سيڙپڪاري ۽ معاشي ترقي وارين رٿائن ذريعي هن ماڊل کي “اڳئين سطح” تائين وٺي ويندي.
وڏي وزير پاران ميمبرن جي سوالن ۽ نڪتن جا جواب:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ اجلاس دوران صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن پاران اٿاريل مختلف سوالن ۽ نڪتن جا پڻ جواب ڏنا. بجيٽ بحث دوران پاڪستان جي باني اڳواڻن بابت ڪيل ڳالهين تي ردعمل ڏيندي وڏي وزير چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو سنڌ سان گهرو تاريخي ۽ خانداني تعلق رهيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته قائداعظم جو خاندان بهتر موقعن جي ڳولا ۾ ڪراچي اچي آباد ٿيو هو ۽ قائداعظم پنهنجي ابتدائي تعليم جو هڪ حصو سنڌ مدرسة الاسلام ۾ حاصل ڪيو هو. هن چيو ته تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو ڪردار ۽ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان الڳ ڪرائڻ جي جدوجهد، پاڪستان جي قيام جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ملڪ جي سڀني علائقن ۽ برادرين جي ماڻهن جي گڏيل ڪوششن سان وجود ۾ آيو ۽ سڀني طبقن جي تاريخي خدمتن ۽ قربانين جو احترام ڪيو وڃڻ گهرجي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن مان ايندڙ مهاجرن کي ڀليڪار ڪيو ۽ اڄ به سنڌ رواداري، شموليت ۽ گڏيل سهپ جي قدرن جي امين آهي. هن سياسي اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو ورهاست پيدا ڪندڙ لھجي کان پاسو ڪن ۽ قومي يڪجهتي کي مضبوط ڪرڻ ۽ سڀني برادرين جي جذبن جو احترام ڪرڻ تي ڌيان ڏين. سيد مراد علي شاهه چيو ته جمهوري نظام ۾ سياسي اختلاف هڪ فطري ڳالهه آهي، پر انهن جو اظهار ذميواري، تاريخي حقيقتن، عوامي حساسيت ۽ قومي يڪجهتي کي نظر ۾ رکندي ٿيڻ گهرجي.
سيد مراد علي شاهه پاران اپوزيشن جي تنقيد جو جواب:
بحث سميٽيندي وڏي وزير انهن دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، جيڪي بجيٽ بحث دوران ڪيا ويا ۽ جن کي هن حقيقتن جي ابتڙ ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو. 1971ع جي واقعن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار جو دفاع ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي ڄاڻايل قرارداد کي رد ڪرڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪرڻ تاريخي پسمنظر کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. سندس موجب اها قرارداد دراصل پاڪستان جي ورهاڱي ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کي تسليم ڪرڻ جي برابر هئي، جنهن جو حصو بڻجڻ کان ذوالفقار علي ڀٽو انڪار ڪيو ۽ احتجاج طور اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. وڏي وزير وفاقي مالي منتقلي ۽ صوبائي مالياتي معاملن بابت ڪيل دعوائن کي به چئلينج ڪندي چيو ته اپوزيشن جي هڪ ميمبر دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ کي 71 کرب رپيا مليا، پر بعد ۾ پاڻ ئي اعتراف ڪيو ته اهي انگ اکر ڄاڻي واڻي وڌائي پيش ڪيا ويا هئا. صوبي جي صحت واري نظام جو دفاع ڪندي وڏي وزير ان تاثر کي رد ڪيو ته معياري طبي سهولتون رڳو ڪراچي تائين محدود آهن. هن گمبٽ ۽ سکر جي اسپتالن ۾ علاج معالجي جا انگ اکر پيش ڪندي چيو ته برن يونٽن سميت خاص طبي سهولتون ڪراچي سميت گمبٽ ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ پڻ موجود آهن. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) رٿائن تي تنقيد جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو ته صوبائي حڪومت خودمختيار ضمانتون (Sovereign Guarantees) جاري نٿي ڪري سگهي، جيئن ڪجهه اپوزيشن ميمبرن دعويٰ ڪئي هئي. ڪراچي جي ترقي لاءِ گذريل بلدياتي دورن ۾ ٿيل خرچن بابت دعوائن کي رد ڪندي وڏي وزير اڳوڻي ميئر مصطفيٰ ڪمال جو حوالو ڏيندي چيو ته سرڪاري رڪارڊ موجب ان دور ۾ اٽڪل 33 ارب رپين جون رٿائون مڪمل ڪيون ويون، نه ڪي 300 ارب رپين جون، جيئن بجيٽ بحث دوران دعويٰ ڪئي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته ان دور کان اڳ ۽ پوءِ به ڪراچي ۾ وڏيون ترقياتي رٿائون مڪمل ڪيون ويون. سيد مراد علي شاهه مختلف وفاقي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي لاءِ وڏن ترقياتي پيڪيجز جا اعلان ته ڪيا ويا، پر انهن تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيو. هن چيو ته هڪ وفاقي حڪومت 62 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو، پر اعلان ڪيل فنڊ تقريباً فراهم ئي نه ڪيا ويا، جڏهن ته ٻي حڪومت 1.1 کرب رپين جي منصوبن جو اعلان ڪيو، جيڪي عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيا. سندس موجب هن وقت وفاقي سهڪار رڳو ڪجهه روڊن جي رٿائن تائين محدود آهي. سنڌ جي غير استعمال ٿيل معاشي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ اٽڪل 500 ارب آمريڪي ڊالر ماليت جا گرينائيٽ جا ذخيرا موجود آهن، پر اڃا تائين ان وسيع صلاحيت مان مڪمل فائدو حاصل نه ڪيو ويو آهي. هن ايوان کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ منور انڊر پاس رٿا مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ اميد آهي ته ان کي جولاءِ دوران عوام لاءِ کوليو ويندو. هن ڪراچي لاءِ اٽڪل 1.7 کرب رپين جي وسيع ترقياتي رٿائن واري پيڪيج تي حڪومت جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. توانائي جي سبسڊي بابت سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ٿر جي گهريلو صارفين لاءِ 100 يونٽن تائين بجلي جا بل پاڻ ادا ڪري رهي آهي، جيئن علائقي ۾ توانائي منصوبن مان فائدو حاصل ڪندڙ مقامي آبادي کي سهولت ۽ سهڪار فراهم ڪري سگهجي. وڏي وزير ان تاريخي دعويٰ کي پڻ رد ڪيو ته سکر بئراج جي تعمير بمبئي پريزيڊنسي کان ورتل قرضن ذريعي ڪئي وئي هئي. هن چيو ته اھا رٿا برطانوي نوآبادياتي دور جي رٿابندي تحت مڪمل ڪيو ويو هو ۽ ان حوالي سان ڪجهه بيان تاريخي حقيقتن کي مسخ ڪن ٿا. صحت واري شعبي ۾ جاري سيڙپڪاري کي اجاگر ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) کي 26 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي جي نيشنل هاءِ وي تي واقع حسن سليمان اسپتال جو رٿا صوبائي حڪومت جي سهڪار سان تيزي سان تڪميل ڏانھن وڌي رھي آهي، جڏهن ته اهڙي ئي طرز جي هڪ سهولت لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪرڻ بابت پڻ صلاح مشورا ڪيا ويا آهن. وڏي وزير وڌيڪ اعلان ڪيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) ۾ ٻارن جي دل وارين بيمارين واري منصوبي جي تڪميل هلندڙ سال دوران متوقع آهي، ڇو ته ان جي اڳڀرائي ۾ رنڊڪ بڻيل مسئلا حل ڪيا ويا آهن. سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ بابت لڳايل الزامن جي جواب ۾ وڏي وزير ناقدن کي چئلينج ڪيو ته هو ڪرپشن ۽ ڪميشن خوري جي دعوائن جي حمايت ۾ ثبوت پيش ڪن. سيد مراد علي شاهه سنڌ جي سهڪار سان هلندڙ فلاحي ادارن جي ملڪ گير ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام بلوچستان جي ضلعي صحبت پور ۾ رهائشي رٿا تعمير ڪري رھي آهي، جڏهن ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) رحيم يار خان، ڪوٽ ادو، ڀيرا، گجر خان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ پنهنجون طبي سهولتون وڌائي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سهڪار سان شروع ڪيل اپائن جي نتيجي ۾ ملتان ۾ هڪ آءِ ٽي پارڪ جي قيام ۾ پڻ مدد ملي رهي آهي. وڏي وزير موجب ڪيترن ئي صوبن سنڌ جي ترقياتي ماڊلز ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پڻ سنڌ حڪومت کي همٿايو آهي ته هو سماجي ڀلائي ۽ بنيادي ڍانچي وارين رٿائن تي عملدرآمد بابت پنهنجي تجربي ۽ مهارت کي ملڪ جي ٻين حصن تائين منتقل ڪري. سندس خطاب جي پڄاڻي تي سيد مراد علي شاهه ان دعويٰ کي رد ڪيو ته صوبائي حڪومت 40 ارب رپين جو رمضان پيڪيج ورهايو هو. هن واضح ڪيو ته اهڙو ڪو پروگرام شروع ئي نه ڪيو ويو هو، تنهن ڪري ان حوالي سان ڪيل تنقيد بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو