ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ گرمين جون موڪلون پوريون ٿيڻ بعد اسڪول کلي ويا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اسڪول کلي ويا ٺٽي ضلعي جي پرائمري توڙي سيڪنڊري اسڪولن ۾ پهرين ڏينهن حاضري گهٽ رهي، ٺٽي جي مختلف اسڪولن ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين درجي جي شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي سگهيا، ڪنڊيارو، ڪنري ۽ ٻين شهرن ۾ به اسڪول کلي ويا پهرين ڏينهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حاضري گهٽ رهي، جوهي ويجهو پرائمري اسڪول حافظ خوش محمد جي چوڌاري برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شاگردن جو احتجاج، پاڻي فوري طور نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو










