سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي 17 مارچ )اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران 20 مارچ کان صوبي ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي خوراڪ کاتي واري وزیر ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت 20 مارچ کان ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شروع ڪندي، خوراڪ کاتي پاران سموري صوبي ۾ 353 ڪڻڪ جي خريداري خريداري جا مرڪز قائم ڪيا ويندا. ڄام خان شورو پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران حيدرآباد ڊويزن ۾ 78، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 71، سکر ڊويزن ۾ 68، شھيد بينظيرآباد ۾ 58، ميرپورخاص 40 ۽ سانگھڙ ۾ 38 ڪڻڪ خريداري جا سرڪاري سينٽر قائم ڪيا ويندا. ڄام خان شورو چيو ته خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ مڪمل اپاءَ ورتا ويا آھن, سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي, سنڌ ۾ 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو