ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، ڪابينا جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي خوراڪ کاتي جي اختيارين ڪڻڪ جو امدادي اگھه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو نوٽيفڪيشن موجب 15 مارچ کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪئي ويندي، هن ڀيري حدف 14 لک ميٽرڪ ٽن آهي










