پاڻي گهڻو آهي ٻڌايو ته ان کي تربيلا ۽ ڀاشا ۾ ڪيئن وجهون؟ : شاهه

پاڻي گهڻو آهي ٻڌايو ته ان کي تربيلا ۽ ڀاشا ۾ ڪيئن وجهون؟ : شاهه

حيدرآباد(ن سنڌيار)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ اڍائي لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، مان اهو پاڻي تربيلا يا ڀاشا ڊيم ۾ ڪيئن وجهي سگهان ٿو؟ ڇا سنڌ ۾ ايترو وڏو ڊيم ٺاهڻ جي ڪا جاءِ آهي؟سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ اڍائي لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، هي وڏو امتحان آهي، جيڪي روڊ بند آهن، انهن تي اين ايڇ اي ۽ صوبائي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته هاڻي مان ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ويندس، تنقيد به ڪندس پر نشاندهي به ڪندس، هر هنڌ پهچي رهيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو