سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ارسا ڪٽوتي بند ڪري، بورڊ

سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ارسا ڪٽوتي بند ڪري، بورڊ

حيدرآباد ( پ ر ) سنڌ آبادگار بورڊ سسٽم ۾ اضافي پاڻي جي هوندي به سنڌ جي حصي واري پاڻي ۾ پنهنجي مرضي سان 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ بابت ارسا جي فيصلي تي سخت اعتراض واري ڇڏيا آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي ان جي گهرج موجب بنا دير پاڻي ڏنو وڃي.
حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، سيد نديم شاھ، محمد بشير نظاماڻي، ڊاڪٽر علي رضا ميرجت، عمران بوزدار، اسلم مري، طاحه ميمڻ، احسن ارباب، يار محمد لغاري، مصطفيٰ نواز شاھ، پير تاج الدين راشدي، مراد علي شاھ بُڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي‌وٺ ڪئي وئي ۽ بئراجن تي پاڻي جي گهٽتائي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
سنڌ آبادگار بورڊ سسٽم ۾ اضافي پاڻي جي هوندي به سنڌ جي حصي واري پاڻي ۾ پنهنجي مرضي سان 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ بابت ارسا جي فيصلي تي سخت اعتراض ظاهر ڪندي چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن سنڌ کي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي انتهائي گهڻي گهرج آهي تڏهن ارسا چشما مان سنڌ لاءِ پاڻي جي فراهمي هڪ لک ٽيٽيهه هزار ڪيوسڪ مان گهٽائي رڳو هڪ لک ڪيوسڪ ڪرڻ جو نامناسب فيصلو ڪيو آهي ۽ ان پاڻي کي به سنڌ جي آبپاشي نظام تائين پهچڻ ۾ وڌيڪ 10 ڏينهن لڳندا. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته هي سارين جو رونبو ڪرڻ جو وقت به آهي جنهن جو مطلب آهي ته ان لاءِ وڌيڪ 18 لک ايڪڙ فٽ پاڻي گهرجي. جڏهن ته خريف جا فصل جهڙوڪ ڪپهه، ڪمند ۽ ٻيا ان کان علاوه آهن.
سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته پاڻي جي اها ڪٽوتي هڪ اهڙي وقت ۾ ڪئي پئي وڃي جڏهن تربيلا، منگلا ۽ چشما ۾ مجموعي طور تي اوڻيتاليهه لک ايڪڙ فٽ کان وڌيڪ پاڻي موجود آهي ۽ سسٽم ۾ پاڻي جي آمد ان جي نيڪال کان وڌيڪ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته پاڻي ڊيمن ۾ گڏ ڪيو پيو وڃي.
سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو آهي ته ارسا ان ڪٽوتي جو بهانو اهو ڪيو آهي ته سنڌ گذريل مھينن ۾ وڌيڪ پاڻي استعمال ڪيو هو پر حقيقت اها آهي ته ان وقت سنڌ ان واڌو پاڻي جي ته گهر ئي نه ڪئي هئي، جنهن ڪري پاڻي جي 1991ع واري معاهدي موجب اهو اضافي ڇڏيل پاڻي صوبي جي حصي مان ڪٽي نٿو سگهجي.
سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته موجوده صورتحال ۾ پنجاب صوبي کي رڳو 4 سيڪڙو کوٽ جو منهن ڏسڻو پوندو، جڏهن ته سواءِ سنڌ جي باقي ٻين صوبن کي ڪنهن به کوٽ جو منهن نه ڏسڻو پوندو. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري واهن ۽ شاخن جي وارا بندي ٿيندي جڏهن ته ان وقت ۾ گرمي پد وڌيڪ هئڻ سبب ٻوٽن لاءِ پاڻي جي ضرورت پڻ سڀ کان وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي ٻاڦ جي صورت ۾ سڪڻ جي شرح تيز آهي. تنهنڪري اهڙي گهڻي ضرورت واري وقت تي پاڻي ڊيمن ۾ گڏ ڪرڻ سان زرعي معيشت پاڻي کان محروم ٿي ويندي. ان سان درياهه جي پچڙي وارن علائقن جي زرعي معيشت کي وڏو نقصان پهچائيندو.
سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته پنجاب جي جي ڀيٽ ۾ سنڌ وٽ پاڻي جي سخت کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ زمين هيٺ مٺو پاڻي موجود نه آهي. اهو پڻ سمجهڻ ضروري آهي ته سنڌ جي پاڻي ۾ پوءِ ٿيندڙ ڪا به واڌ سنڌ جي آبپاشي نظام تائين پهچڻ ۾ 10 ڏينهن وٺندي ۽ ان وقت تائين سخت موسمي حالتن ۾ فصلن کي بچائڻ ۾ دير ٿي چڪي هوندي.
سنڌ آبادگار بورڊ مطالبو ڪيو آهي ته ارسا ڏاهپ وارو قدم کڻي ۽ سنڌ جي فصلن کي ڪنهن به وڏي نقصان کان بچائڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي گهربل پاڻي جاري ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو