سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل موجب ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بند آهن ۽ گرمي جو سبب ڀارتي رياست گجرات ۾ موجود سسٽم آهي. موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته 10 ۽ 11 سيپٽمبر تي سنڌ ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات پئجي سگهي ٿي جڏهن ته فوري طور ڪراچي ۾ برسات جو اڃا ڪو امڪان ناهي جڏهن ته سسٽم جو جائزو ورتو پيو وڃي. اڄوڪي ڏينهن ڪراچي جو گرمي پد 37 ڊگري سينتي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اها گرمي وڌيڪ ٽن تائين برقرار رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو