ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ نون صوبن بابت پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو موقف بلڪل واضح آهي ته سنڌ کي ورهائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته هن ايم ڪيو ايم اڳواڻن تي الزام لڳايو ته اهي عوام جي جذبن سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ صوبن بابت واضح طريقيڪار موجود آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ سالميت بابت ڪيترائي ڀيرا اسيمبلي مان ٺهراءَ پاس ڪرائي چڪي آهي.هن چيو ته مصطفى ڪمال، خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار نفرت پکيڙڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن انهن کي سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻين، پوءِ عوام کي به خبر پئجي ويندي ته ڪير ڇا ٿو چاهي.شرجيل ميمڻ چيو ته مصطفى ڪمال ۽ خالد مقبول صديقي وفاقي ڪابينا جو حصو آهن، انهن کي گهرجي ته پهريان وفاقي حڪومت کان پڇن ته صوبن بابت ان جو موقف ڇا آهي ۽ جيڪڏهن اختلاف آهي ته وفاقي ڪابينا مان استعيفيٰ ڇو نٿا ڏين؟هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي وفاقي حڪومت به صوبن بابت پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري سنڌ جي عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي مان صوبو ورهائڻ خلاف 10 ڀيرا ٺهراءُ پاس ٿي چڪا آهن.سندس چوڻ هو ته عوام کي جذباتي بيانن جو جواب جذبات سان نه ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته هو اهڙين ڳالهين کان پري رهن.شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنهن زماني ۾ الطاف حسين به اهڙا مطالبا ڪندو هو، اڄ عوام ڏسي سگهي ٿو ته هو ڪٿي آهي. هن چيو ته آئين کي فالو ڪرڻو آهي ۽ آخرڪار فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي.هن چيو ته هاري کي پنهنجي هارپي، مزدور کي مزدوري ۽ شاگرد کي پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پيپلزپارٽي موجود آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ناهي.شرجيل ميمڻ الزام لڳايو ته مصطفى ڪمال چاهي ٿو ته هو به اخلاق کان ڪريل ٻولي ڳالهائي، جيئن سندس ووٽ بينڪ وڌي، پر هو اهڙي سياست جو حصو نه بڻجندو.سنڌ ڪابينا جي اجلاس بابت شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 48 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جڏهن ته 2 لک 57 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ضبط ڪئي وئي آهي.هن چيو ته فلور ملن لاءِ اٽي جي قيمت 112 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاسڪو کان 2 لک 23 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.شرجيل ميمڻ موجب سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ موجود آهي، پر سرڪاري گودامن ۾ ڪڻڪ جي کوٽ آهي.صوبائي وزير ٻڌايو ته 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ آبادگارن لاءِ ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.ھن چيو تہ سنڌ ۾ 3 لک 13 هزار هاري رجسٽرڊ آهن ۽ انهن لاءِ مجموعي طور 20 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل سال 45 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي هئي.شرجيل ميمڻ موجب سنڌ ڪابينا 44 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ففٽيڪ ادارو قائم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني آهي، جنهن سان ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪرائيم ڪنٽرول ۾ مدد ملندي.ان کانسواءِ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ اسٽار واش پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو شروعاتي طور ڪجهه ضلعن ۾ شروع ڪيو ويندو.ڪابينا نئون ڪوٽ کان مٺي تائين پائيپ لائين رٿا جي به منظوري ڏني، جڏهن ته سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري پڻ ڪئي وئي.شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آهي، جتي مڪاني نظام ۽ چونڊيل نمائندا موجود آهن.هن سوال اٿاريندي چيو ته پنجاب ۾ آخر ڪهڙو خوف آهي، جو اتي مڪاني چونڊون نه ٿي رهيون آهن؟ سندس چوڻ هو ته مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ سان عوام جا مسئلا سندن ئي علائقن ۾ حل ٿي سگهن ٿا.










