ڪراچي: (رپورٽ علي مرتضيٰ مهر) سينيٽ جي رٿا بندي، ترقي ۽ خاس اپائن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ سينيٽر قرتالعين مري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر ڄام سيف الله خان، عطاالرحمان، دوست علي جيسر، ضمير حسين گھمرو ۽ اشرف علي جتوئي شرڪت ڪئي، جڏهن ته سينيٽر سعديه عباسي آن لائن ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿي.
ڪميٽي کي مالي سال 2025–26 دوران سنڌ ۾ هلندڙ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ايجنڊا ۾ ڪراچي لاءِ ڪي-فور پاڻي فراهمي منصوبي، سکر–حيدرآباد–ڪراچي موٽروي (ايم-6)، نيو ڪراچي–حيدرآباد موٽروي (ايم-10) ۽ ريلوي مين لائين-ون (ايم ايل-1) منصوبي بابت بريفنگ شامل هئي.
اجلاس دوران چيئرپرسن سينيٽر قرتالعين مري سيڪريٽري ريلوي کان سوال ڪيو ته ٿر ڪول ريل رابطي منصوبي جو پي سي-ون سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ڪيئن منظور ڪيو ويو، جڏهنتہ سنڌ هن منصوبي ۾ وفاق سان ڀائيوار آهي. هن پڇيو ته پي سي-ون جي منظوري واري مرحلي تي سنڌ حڪومت کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو ۽ ڇا ان بابت ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي ته پي سي-ون ڪنهن تيار ڪيو ۽ صوبي سان صلاح ڇو نه ڪئي وئي.
چيئرپرسن هدايت ڪئي ته پي سي-ون جي لاڳت 53 ارب رپين کان وڌائي 90 ارب رپيا ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت کي شامل نه ڪرڻ بابت ذميوار آفيسرن جو تعين ڪيو وڃي.
سينيٽر ڄام سيف الله خان سيڪريٽري ريلوي کي ياد ڏياريو ته ٿر ڪوئلي منصوبي بابت وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (MoU) تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، ۽ صحيح ۽ مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن زور ڏنو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اعليٰ ترين پارلياماني فورم آهي ۽ غلط ڄاڻ ڏيڻ ڪميٽي جي بي عزتي جي برابر آهي.
ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري ريلوي ٻڌايو ته ايم ايل-1 منصوبو 2015ع کان مختلف سببن ڪري دير جو شڪار رهيو آهي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ کان مالي مدد جي اميد آهي، جنهن کان پوءِ ڪراچي کان روهڙي تائين پهرين سيڪشن جو بنياد ايندڙ سال رکيو ويندو.
چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ سنڌ، نجم شاهه، ريلوي ڪراسنگز تي اوورهيڊ پلن جي تعمير لاءِ پاڪستان ريلويز طرفان اين او سي (NOC) جاري ٿيڻ ۾ دير تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. ڪميٽي سيڪريٽري ريلوي کي هدايت ڪئي ته سڀ بقايا اين او سي جاري ڪيا وڃن ۽ هڪ مهيني اندر تعميلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.
سينيٽر سعديه عباسي ڪراچي گرين لائين منصوبي ۽ ٿر ڪوئلي ريلوي منصوبي جي اڳڀرائي بابت سوال ڪيا. سي اي او پي آءِ ڊي سي ايل، وسيم باجوا، ڪميٽي کي ٻڌايو ته گرين لائين بي آر ٽي ڪراچي — ڪامن ڪوريڊور جي تعمير — بنيادي منصوبو آهي. هن چيو ته موجوده سال لاءِ 3 ارب رپين جي رقم مختص ڪئي وئي هئي، جيڪا پهرين ٻن ٽه ماهين ۾ مڪمل طور استعمال ٿي چڪي آهي. ڪجهه مسئلن سبب منصوبي ۾ ٻن مهينن جي دير ٿي، جيڪا هاڻي سنڌ حڪومت سان هم آهنگي سان حل ڪئي وئي آهي. منصوبو ايندڙ سال 31 آڪٽوبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.
چيئرپرسن صلاحڪارن سان معاهدن تي صحيح ٿيڻ جي ٽائيم لائن بابت پڇاڻو ڪيو. چيئرمين پي آءِ ڊي سي ايل جواب ڏنو ته هڪ مهيني اندر سموري دستاويزي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي ۽ ايندڙ اجلاس ۾ اڳڀرائي شيئر ڪئي ويندي.
چيئرپرسن سيڪريٽري ڪميونيڪيشنز جي غير حاضري تي ناراضگي ظاهر ڪئي، جنهن هڪ ڪلاڪ انتظار باوجود اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته اها غير حاضري پهريون ڀيرو ناهي ۽ اعلان ڪيو ته هاڻي سيڪريٽري کي طلب ڪيو ويندو.
ڪميونيڪيشنز کاتي جي هڪ عملدار ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڪراچي–حيدرآباد–سکر (ايم-6) موٽروي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي. منصوبي ۾ پنج سيڪشن شامل آهن ۽ ٻن سيڪشنن تي ڪم جون 2026ع تائين شروع ٿيڻ جي اميد آهي.
صوبائي وزير ڄام خان شورو نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ (PWD) جي خاتمي کان پوءِ سنڌ ۾ هلندڙ 27 منصوبن مان رڳو 6 منصوبا صوبي حوالي ڪيا ويا، جڏهنتہ ٻين صوبن کي سڀئي منصوبا منتقل ڪيا ويا.
چيئرمين پي اينڊ ڊي بورڊ سنڌ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته گذريل ٻن ٽه ماهين دوران وفاقي حڪومت طرفان ڪا به رقم جاري نه ڪئي وئي. چيئرپرسن وفاقي ناڻي واري ڊويزن کي هدايت ڪئي ته سنڌ جا فنڊ جلد کان جلد جاري ڪيا وڃن.
سينيٽر ڄام سيف الله خان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ٻنهي جي واکاڻ ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نوابشاهه–راڻيپور، سانگهڙ ۽ ايم-6 موٽروي سميت ٻين منصوبن تي گڏيل سهڪار سان عوام کي وڏو فائدو ملندو.
سيڪريٽري روڊس ڪميٽي کي ٻڌايو ته ٽنڊو الهيار ۽ روهڙي روڊ منصوبا مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيا ويندا، ڇاڪاڻتہ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ذاتي طور انهن ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي.
ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ جي قيام بابت سينيٽر سعديه عباسي تازي ڄاڻ گهري. وفاقي سيڪريٽري منصوبه بندي، ترقي ۽ خاص قدم، اويس منظور سومرا، ٻڌايو ته هي منصوبو وزارت آءِ ٽي هيٺ آهي ۽ ڪوريا طرفان مالي مدد سان هلندڙ آهي. هن وقت ٽينڊر واري مرحلي ۾ آهي ۽ جلد اڳتي وڌڻ جي اميد آهي.
پاڻي وسيلن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري مهر علي شاهه ڪميٽي کي ڪي-فور منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪم ورلڊ بينڪ جي مالي مدد سان جاري آهي ۽ ڪي-فور هڪ جامع نظام آهي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻئي شامل آهن.
چيئرپرسن سينيٽر قرتالعين مري زور ڏنو ته ڪراچي کي تڪڙي طور پاڻي جي ضرورت آهي ۽ چيو ته ڪي-بي فيڊر منصوبو اڳ ئي مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻتہ اهو ورلڊ بينڪ جو شرط آهي. هن خبردار ڪيو ته وڌيڪ دير سان لاڳت وڌندي ۽ لاڳاپيل کاتن کي فوري حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي.
چيئرپرسن وڌيڪ هدايت ڪئي ته صوبائي سيڪريٽري زراعت ۽ پاڻي وسيلن واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري، واپڊا ۽ نيسپاڪ سميت سڀني صلاحڪارن سان گڏ اجلاس ڪري باقي مسئلا حل ڪن. هن وفاقي سيڪريٽري منصوبه بندي کي به هدايت ڪئي ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر منصوبو جمع نه ٿيو ته ڪميٽي کي آگاهه ڪيو وڃي، ۽ دير کي ناقابلِ جواز قرار ڏنو. هن چيو ته ضرورت پوڻ تي هوءَ اسلام آباد جي دوري دوران ذاتي طور به منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي.










