سنڌ ۾ مشڪوڪ ۽ نرالي آدمشماري جا انداز

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ آدم ڳڻپ دوران نرالي ۽ مشڪوڪ انداز اختيار ڪيو ويو آهي. عملو مڪمل تباهه ٿيل گهرن آڏو بيٺل وڻن ۽ لوڙهن ٻاهران رکيل پٿرن تي نمبر هڻي رهيو آهي. سنڌ جي ساڃاهه وندن اڳ ۾ ئي اعتراض ڪيو هو ته گهرن جي تعمير تائين آدم شماري ملتوي ڪئي وڃي پر ان تي ڪنهن ڌيان نه ڌريو. نام نهاد ڊجيٽل آدمشماري دوران اهڙي مشڪوڪ انداز ۾ ٿيندڙ ڳڻپ ۾ وڏي پيماني تي گڙ ٻڙ ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ واسي ڳڻپ کان رهجي ويندا.


هڪ پاسي اهو انداز آهي ته ٻئي پاسي ڳڻپ ڪندڙ عملي کي ٽريول الائونس نٿو ڏنو وڃي جنهن سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عملو ڪم نه پيو ڪري ان سبب به ماڻهو ڳڻپ کان رهجي ويندا. ياد رهي ته سرڪاري انگن اکرن موجب برساتي ٻوڏ ۾ 17 لک کان مٿي گهر ڪُلي ۽ جُزوي طور تباه ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو