سنڌ ۾ مسافرن لاءِ ويڪسين سرٽيفڪيٽ لازمي قرار

سنڌ ۾ مسافرن لاءِ ويڪسين سرٽيفڪيٽ لازمي قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت اين سي او سي جي فيصلي تي عمل ڪندي مسافر گاڏين ۾ سفر ڪندڙ مسافرن ۽ ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽرز جا ڪورونا ويڪسين سرٽيفيڪيٽ چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي ٽراسپورٽ واري وزير سيد اويس شاهه اهڙو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ شهرين کي ٽرانسپورٽ تي سفر ڪرڻ کان ڪورونا وئڪسين لڳرائڻ جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو پوندو، ٽرانسپورٽ کاتي مسافر گاڏين جَي ڊرائيورز ۽ مسافرن لاءِ ڪورونا سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيوآهي. صوبائي وزير اويس قادر شاهه مسافر گاڏين جَي مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته سرٽيفڪيٽ بنا ڪنهن به مسافر کي گاڏي تي سفر نه ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن مسافر جي ايڊوانس بڪنگ ڪئي وڃي. شهرين جو چوڻ آهي ته هي پوليس جي ڪمائي جو ذريعو بڻبو عوام لاءِ هڪ نئين مصيبت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو