سنڌ ۾ مختلف واقعن ۾ هڪ فوت 2 زخمي

سنڌ ۾ مختلف واقعن ۾ هڪ فوت 2 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) خاڻوٽ وٽ روڊ حادثي ۾ معصوم نينگري فوت ٿي وئي جڏهن تي مهڙان هاءِ وي تي ڦر جي مزاحمت تان واپاري کي گولي هڻي ڦورو فرار ٿي ويا. ڪنڌ ڪوٽ ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان جي خودڪشي جي ڪوشش. ***مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب خاڻوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ باز ڪنڊو انڊس هاءِ وي  تي  سيوھڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ  ڪار جو روڊ پار ڪندڙ  5 ورهين جي  ٻارڙي  بشيران ڌيءَ سبز علي کوسو کي  ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾  موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي. خاڻوٺ ۽ موٽروي پوليس جي سستي سبب ڊرائيور ڪار کي ڇڏي  فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هڪ ڪلاڪ کان پوء بيٺل ڪار کي تحويل ۾  ورتو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو*** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حدڳوٺ دوست علي ڏاھاڻي  ۾ نوجوان حيدرعلي ولد علي دوست ڏاھاڻي گهرو بڻت تان پنھنجي سيني تي پسٽل جوفائر ڪندي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال اماڻيو ويو.*** سيٺارجا مان سجاد ڪٻر موجب مهراڻ هاءِ وي تي ڳوٺ گاهي چاڪراڻي وٽ نامعلوم هٿياربندن پاران ڏينهن ڏٺي جو پيرسن علي بخش لنڊ کان سندس بلڊنگ مٽيريل جي دوڪان تي چڙهائي ڪري ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس گولي هڻي مرڻيگ ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو