سنڌ ۾ لوڊ شيڊنگ،وڏي وزير جي وفاقي وزير سان شڪايت

سنڌ ۾ لوڊ شيڊنگ،وڏي وزير جي وفاقي وزير سان شڪايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه سان توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير جي ملاقات ٿي آهي، ملاقات ۾ وڏي وزير سنڌ صوبي ۾ ٿيندڙ بدترين لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي اٿاريو وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، وڌندڙ لوڊشيڊنگ سبب ڳوٺاڻي علائقن ۾ زرعي پيداوار کي نقصان پهچي سگهي ٿو ترجمان موجب وفاقي وزير، وڏي وزير کي پهرين ترجيح طور حيسڪو ۽ سيپڪو کي لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي خرم دستگير چيو ته ٻئي مرحلي ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جا قدم کنيا ويندا، وڏي وزير جي وفاقي وزير سان ڪراچي ۾ بجلي جي مسائلن بابت ڳالھ ٻولهه ٿي وفاقي وزير وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته اڄ ئي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ سان ڪراچي ۾ بجلي مسئلي کي حل ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو