محمد بلال ڪٽپر
سنڌ جي اندر هن اپريل مهيني ۾ لڱ ساڙيندڙ شديد ترين گرمي پد 48 ۽ 49 آهي. اپريل مهيني ۾ اها حالت سنڌ جي اندر ڪڏهن نه رهي آهي پر هن ڀيري ته گرميءَ پنهنجا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. گرميءَ جي شدت جو انهي ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪير به ماڻهو اڃان وهنجي مس نڪري ٿو ته اتي جو اتي ئي گرمي سبب پگهر ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ گرمي سبب هٿ وارو پکو هڻڻ لڳي ٿو. نه ته ٻي صورت ۾ هو پگهر ۾ آلو شل ٿي وڃي ٿو اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي لاڙڪاڻو، دادو، سيوهڻ شريف، جيڪب آباد، ڪشمور، سکر، شڪارپور، خيرپور ميرس سميت شهرن ۾ جڏهن گرمي پد 49 سيٽي گريڊ به پوري ملڪ جي سڀني شهرن کان وڌيڪ هجي ۽ سخت ترين گرمي ٻوسٽ وارو ماحول هجي جو روڊ رستا ويران سنسان هجن ۽ لوڊشيڊنگ سبب اسڪولي شاگرد ۽ شاگردياڻيون بيهوش ٿي وڃن ته پوءِ اسپتالن ۽ ميڊيڪل سينٽرن ۾ مريض بيمار ڪئين ويهي سگهن ٿا؟ پيرسن عورتون، معصوم ٻارڙا، ضعيف العمر شخص ڪهڙي طرح گذارو ڪري سگهن ٿا؟ روز مره ڪمائيندڙ مزدور، پورهيت، درزي، گيريج جو مستري،ڀرت ڀريندڙ ڪاريگر سميت ٻين ڌنڌن ڪاروبارجي ڪمن ڪارن ۾ ڪهڙي طرح عوام پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو پيٽ پالي سگهي ٿو.بجلي جي هر 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ته ناهي ٿيندي؟ هتي ماڻهو چون ٿا ته بجلي وڃي ٿي.ائين نٿا چون ته با با هتي ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿي، سنڌ جي لاڙڪاڻو، دادو، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ته بجلي ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي.انهي لاءِ بجلي اسان جي مهمان آهي ان جو اسان کي وڌ ۾ وڌ خيال رکڻو پوندو آهي .اهڙي قهر جهڙي گرمي ۾ جڏهن سنڌ جي لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو، عطار آباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن جا روڊ رستا نٽهڻ اس ٽاڪ منجهند جو جڏهن ڪانوءَ جي اک ٿي نڪري انهي ويل به بجلي بند لڳي پئي هجي ته پوءِ باقي ڪڏهن بجلي ڏني ويندي؟ وفاقي سرڪار چئي ٿي ته بجلي جي چوري ۾ رڳو سنڌ ملوث آهي ۽ سڄو قصور اسان تي ڏنو وڃي ٿو شايد انهن کي اها به خبر ناهي ته هڪ طرف سڄي سنڌ ۽ ٻئي پاسي پنجاب جو صرف هڪ لاهور شهر آهي جنهن ۾ به وڌيڪ بجلي جا يونٽ ڏنا وڃن ٿا.اسان جي سنڌ کي اڳ ۾ ٻڌايو وڃي ته بجلي ڪيتري ڏني ويندي آهي ؟ ۽ ٻين صوبن جي هڪ هڪ شهر ۾ ڪيتري بجلي ڏني وئي آهي پوءِ چور به وري سنڌ جي ماڻهن کي قرار ڏنو وڃي ٿو؟ پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ٿو وڃي ته پوري ملڪ ۾ 70 سيڪڙو بجلي جي چوري ٿئي ٿي ته پوءِ اهوبه ٻڌايو وڃي ته انهي چوري ۾ رڳو قصور وار سنڌ ۽ اهو به وري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۽ لاڙڪاڻو کي ڇو چيو وڃي ٿو ڇا ٻيا صوبا ۽ انهن جا شهر آب زم زم مان ڌوتل آهن ڇا ؟ پ پ جا چونڊيل نمائندا جيڪي سنڌ مان ڪامياب ٿيڻ جي دعويٰ ڪن ٿا اهي ايڏي وڏي سنڌ سان ڪيل ويساهه گهاتي تي خاموش ڇو آهن؟. وفاقي وزير جي ڪوڙ کي وائکو ڇو نه ٿا ڪن.سنڌ جي هر هڪ شهر ۾ بجلي جو آزار ڄڻ ته ڪنهن جن ۽ وڏي بلا جيان بيٺو هجي.جنهن جي خوف ۾ ورتل سنڌ جو عوام پنهنجي ميمبرن جي آواز لاءِ روزانو ٽي وي کولي ڏسڻ لڳي ٿو ته شايد اڄ اسان جا نمائندا بجلي جي شديد بحران تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ضرور ڳالهائيندا پر ائين ناهي هر روز سنڌ جو عوام شديد گرمي ۾ تڙپي رهيو آهي جو سنڌ جي شهرن ۾ جتي نواز حڪومت جو واعدو هيو ته ڇهه ڪلاڪ ۽ ٻهراڙين ۾ 8 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي ويندي پر انجي هڪ فيصد نه پر 100 فيصد خلاف ورزي ڪئي وئي آهي اسان جي سنڌ جي شهرن ۾ 18 ڪلاڪن جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، عوام ئي اهڙي اذيت قرب واري صورتحال ۾ آندو ويو آهي جو ماڻهو شديد گرمي بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جي ڪري هاڻي چوڻ تي مجبور ٿيا آهن ته سنڌ جي بجلي سنڌ حڪومت پنهنجي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙي به طرح وسيلا پيدا ڪري ٻين ترقي يافته ملڪن سان بجلي جي حوالي سان معاهدا ڪيا وڃن.ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪميشن مافيا جي شرط بغير معاهدو ڪري سنڌ جي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.ائين ناهي ته هتي رڳو اسان سان بجلي جي معاملي ۾ ناانصافي پئي ٿئي پر هر معاملي۾ ٻٽا معيار رکيا ويا آهن. جيڪڏهن ائين ئي بجلي جي مامري تي پ پ جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي توڙي سينيٽر خاموش رهيا ته پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ پ پ کي ڪافي تلخ حقيقتن مان گذرڻو پوندو.سڀڪو سمجهي ٿو. انهي لاءِ پ پ جا نمائندا پنهنجن تڪن ۾ عوام جي اهم مامري ۾ بجلي جي مسئلي کي اهميت ڏيندي پوري پوري بجلي ورتي وڃي ۽ واپڊا جي ڏاڍاين،اوور ريڊنگ،ڊيڊڪشن بلز،گهر ويٺي غير قانوني ميٽر ريڊرن جي هزارين رپين واري بلنگس جي روايت کي ختم ٿيڻ کپي.ڪچهرين ۾ اهو ٻڌي حيرت ٿيڻ لڳي ته هڪ ماڻهو ٻئي کي چيو ته ادا فلاڻو علائقو ۾ واپڊا ٺيڪيداري سسٽم ڪاروبار ۾ منهنجي حد آهي اتي 1200 گهر آهن في گهر کان صرف 500 رپيا ورتا ويندا آهن.اهڙي طرح مهيني ۾ 6 لک رپيا ٿي ويندا آهن پوءِ ملي جلي واپڊا جا ڀائر ۽ پاڻ گڏجي ونڊ ورهاست ڪندا آهيون.واپڊا وارا اسان کان خوش آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي ايتري مهيني جي پگهار به ناهي جيترو اسان انهن کي حصو ڏيندا آهيون.هيءَ مامرو رڳو هتي نه پر هر جاءِ تي آهي ۽ اڃان به وڏي حيرت جي اها ڳالهه آهي ته انهي کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازم پنهنجي گهرن ۾ سوئي گيس نه هڻائيندا آهن.اهي هر ويلو ماني رڌ پچاءُ بجلي تي ڪندا آهن.ڇا ٿا سمجهو ڪيڏي بجلي خرچ ٿيندي هوندي ۽ ڪيتري بجلي مهانگي آهي پر واپڊا وارن کي انجو اندازو ئي ناهي.هاڻي وري چيو وڃي ٿو ته ايندڙ جون ۾ وفاقي بجيٽ پيش ڪئي ويندي ان ۾ اڃان بجليءَ جو في يونٽ مهانگو ڪرڻ جو چيو ويو آهي.جڏهن بجلي سنڌ ۾ آهي ئي نه ته بجلي جا ميٽر ايترا تيز ڪيئن ڀڄڻ لڳن ٿا.سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کان پڇڻ ٿو گهري ته پ پ جي دعويٰ آهي ته سنڌ جو اسان کي مينڊيٽ مليل آهي ته پوءِ سنڌ جي عوام لاءِ توهان ڪهڙا ڪهڙا ڀلائي بهتري جا ڪم ڪار ڪيا آهن؟ پ پ جيڪا سنڌ جي عوام جي دعويدار آهي ته پوءِ هاڻي بجلي جي شديد بحران تي خاموش ويهڻ ڇا ثابت ڪري ٿو؟ سنڌ ۾ اڳ ۾ مفاهمت سنڌ جي عوام کي ڪهڙا پٽڪا پڌرايا جو هاڻي وري نواز حڪومت سان پ پ جي مفاهمت سنڌين جي لاءِ ڪا مثبت سوچ رکي سگهي ٿي.پ پ سان گڏوگڏ سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي هر وقت سنڌ جي ڪيس کي بهتر نموني سان پيش ڪندا پيا اچن اهي هن بجلي جي مسئلي کي به سنڌ اسيمبلي توڙي قومي اسيمبلي ۽ وفاقي حڪومت ۾ پنهنجو آواز ضرور آڻين.ن ليگ جي اين اين ايز ۽ ايم اي ايز کي به گهرجي ته اهي سنڌ جي عوام جي ترجماني ڪندي بجلي جي شديد بحران تي سياست ڪرڻ بجاءِ عوام جي ترجماني ڪندي اسيمبلين ۾ آواز اٿارين، هاڻي سمورا نالي جا سياستدان ڄڻ ته گهيري ننڊ ۾ ستل اهن، انهن وٽ ايڏو ايشو ڄڻ ڪا مذاق هجي اهي به اقتداري پارٽي جيان خاموش آهن سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر اهڙي سياسي خاموشي ڪنهن لاءِ ۽ ڇو آهي؟سنڌ جو عوام پ پ جي حڪمرانن ۽ سنڌ جو ووٽ وٺندڙن کان سوال ٿو ڪري ته جڏهن هڪ ڊانسر جي ڊانس جو ذڪر به ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ ٿئي ٿو ته پوءِ سنڌ جي شديد گرمي پد 49 جو ۽ بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو ۽ عوام سان زيادتين جو ذڪر ڇاڪاڻ نٿو ڪيو وڃي؟ واپڊا جي زيادتين جو هاڻي اسيمبلين ۽ اسيمبيلين کان ٻاهر جڏهن پ پ جا نمائندا مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪتا ته ضرور ڪنهن حد تائين ايڏي وڏي ناانصافي ظلم ۽ زيادتيون نه ٿينديون.پر ڇا ڪجي ته پ پ جي ڪو چيئرمين جي مفاهمت وچ ۾ اچي وڃي ٿي جنهن ڪري عوام نواز بجاءِ هاڻي پ پ کان وڌيڪ نفرت ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي ڇو جو نواز شريف کي سنڌ جا ووٽ ناهن مليا پر پ پ کي وڏي اڪثريت سان سنڌ جو ووٽ مليو آهي ته پوءِ نڀائڻ جو وارو آهي آيو آهي ته هاڻي پ پ جي مفاهمت سنڌين جي وجود اڳيان بيهاري وئي آهي.ڀلي سيد خورشيد شاهه، شازيه عطا مري، قادر پٽيل وڏا وڏا واڪا ڪندي قومي اسيمبلي۾ پنهنجي مخصوص طبقي ۽ پنهنجي خاص من پسند ماڻهن جي لاءِ ڳالهائيندا هجن پر اهي ٻڌائين ته هنن سنڌ جي غريب مسڪين ماروئڙن جي لاءِ يا سنڌ جي اندر 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي ڪهڙو آواز اٿاريو آهي، سنڌ جو عوام جيڪو اهڙي سخت گرمي جهولن ۾ رهندڙ عوام لاءِ ڇا ڪيو آهي.انهي لاءِ پ پ جي ميمبرن کي کپي ته وقت نه ويو آهي هاڻي به پري ڳالهه ناهي وئي سنڌ جي عوام جي ڏکن، اهنجن، تڪليفن جو ازالو ڪرڻ لاءِ ميمبر بجلي جي شديد بحران ۽ لوڊشيڊنگ جي نالي ۾ بجلي جي مامري ۾ سنڌ جي عوام کي محروم ڪرڻ واري عمل تي اسٽينڊ ورتو وڃي ته سنڌ جو عوام سمجهي سگهي ته پ پ واقعي سنڌ جي ماڻهن جي ڪجهه ڀرجهلي پارٽي اڃا به ڪنهن حد تائين آهي. اسان کي اهڙي ئي اميد پ پ جي ڪجهه اميدوارن مان به آهي ته اهي هاڻي به عوام جي ترجماني ڪرڻ لاءِ اڳتي ايندا ۽ سنڌ ۾ بجلي بحران تي زبردست اسٽنڊ وٺندي پنهنجي سنڌ جو بجلي جي حوالي سا ضرور حق وٺڻ لاءِ آواز اٿاريندا.










