سنڌ ۾ قلم 144 جي پابندين ۾ هڪ مهيني جي واڌ

سنڌ ۾ قلم 144 جي پابندين ۾ هڪ مهيني جي واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت قلم 144 تحت لاڳو پابندين ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، قلم 144 تحت احتجاج، ڌرڻا، ريلي ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي.سنڌ ۾ وال چاڪنگ ۽ عوامي اجتماعن تي پابندي هوندي، سيڪيورٽي گارڊز کي ڊيوٽي دوران هٿيار کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي.سنڌ جي گهرو کاتي موجب، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا، ايس ايڇ اوز کي قلم 188 تحت ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو