سنڌ ۾ سڀاڻي کان 18 جولاءِ تائين تيز برسات جي اڳڪٿي

سنڌ ۾ سڀاڻي کان 18 جولاءِ تائين تيز برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي مون سون جي برساتن بابت نئين ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب سڀاڻي کان 18 جولاءِ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل تازي ايڊوائزري موجب اڄ ڪراچي ۾ موسم جزوي طور تي خشڪ رهندو ۽ شام يا رات تائين هلڪي برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ خميس تي گجگوڙ سان تيز برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو