ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گيس جو پريشر گهٽ هئڻ سبب سڄي سنڌ ۾ اڄ صبح اٺين وڳي کان وڌيڪ 24 ڪلاڪن لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پريشرگهٽ هجڻ سبب گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين پريشان آهن، ڪي اليڪٽرڪ گيس جو بهانو ڄاڻائي بجلي جي غير اعلانيه لوڊ شيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي ڇهه ڇهه ڪلاڪ بجلي بند آهي. سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان موجب اڄ کان وڌيڪ 24 ڪلاڪن لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رهنديون. سنڌ ۾ اڳ ئي 48 ڪلاڪن کان سي اين جي اسٽيشن بند آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته مختلف گيس فيلڊز مان سسٽم ۾ ملندڙ گيس جي مقدار ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. سي اين جي اسٽيشن بند هجڻ سبب روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ به گهٽ آهي. پرائيويٽ ايمبولينس سروسز به بند آهي جنهن سبب ايڌي ۽ ڇيپا تي لوڊ وڌي ويو آهي.










