سنڌ ۾ خانگي اسڪولن جو تعداد 12809۽ شاگرن جو تعداد 3.94 ملين

سنڌ ۾ خانگي اسڪولن جو تعداد 12809۽ شاگرن جو تعداد 3.94 ملين

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته مسئلن جي نشاندهي ۽ پاليسيز ٺاهڻ لاءِ ڊيٽا مڪينزم جي ضرورت پوندي آهي بدقسمتي سان ڪيترن ئي مسئلن کي سمجھڻ ۽ ان جي حل لاءِ ڊيٽا جو موثر نظام نه هئڻ جي ڪري اسان کي ڪيترن ئي ڏکيائين سان منھن ڏيڻو پوندو آهي، درست ڊيٽا جي بنياد تي ئي درست پاليسيز ٺاهڻ ۾ مدد ملي سگهندي آهي، اها ڳالهه هن اڄ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ خانگي اسڪولن جي ”طلبه شماري“ رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب دوران چئي. ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ غلام اڪبر لغاري، اسپيشل سيڪريٽري غلام علي برهاماني، چيف پروگرام مينيجر آر ايس يو ڊاڪٽر جنيد سمون، ڊائريڪٽر رجسٽريشن پرائيويٽ انسٽيٽيوشن سنڌ رفيعه ملاح، پرائيويٽ اسڪول ايسوسي ايشن جي عهديدارن، تعليمي ماهرن، استادن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب دوران خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته تعليم کاتي سنڌ پاران سنڌ جي خانگي اسڪولن جي انگ اکرن تي مشتمل ملڪ جي ھي پهرين شاگرد شماري رپورٽ آهي هن چيو ته درست انگ اکر نه ھئڻ سبب مفروضن تي ٻڌل رايا ڏيئي غلط تاثر کي ھٿي وٺرائي ويندي آھي، هن رپورٽ جي شايع ٿيڻ بعد اسان کي اسڪولن جي حوالي سان درست انگ اکر ڄاڻڻ ۾ مدد ملي آهي هاڻي اسان شاگرد شماري جي بنياد تي اهو به درست اندازو لڳائي سگهنداسين ته سنڌ ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو تعداد ڇا آهي ۽ ايندڙ مرحلي ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي تعليم لاءِ اپاءُ وٺڻ ۾ مدد ملي سگھندي. سيد سردار علي شاهه چيو ته ڊيٽا مڪينزم نه هئڻ جي ڪري اسان جا اھم منصوبا وڏي عرصي تائين هلي ناهن سگهندا، صوبائي وزير تعليم چيو ته مڪمل انگ اکرن سان گڏ اسان تي تنقيد يا مسئلن جي نشاندھي ڪئي ويندي ته اسان ان کي ضرور قبول ڪرڻ سان گڏ ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪنداسين. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار شاھ چيو ته شاگرد شماري جي سبب اسڪولن جي رجسٽريشن جو عمل روڪيو ويو هو جنهن کي هاڻي ٻيهر شروع ڪيو ويندو هن چيو ته جن اسڪولن کي بغير رجسٽريشن جي هلايو پي ويو انھن اسڪولن کي پڻ موقعو ڏنو ويندو ته هو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي وٺن، جنهن بعد سنڌ ۾ ڪنھن به غير رجسٽرڊ خانگي اسڪول هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ان کان اڳ صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه خانگي اسڪولن جي شاگرد شماري جي پڌرائي انگ اکرن ميڊيا آڏو پيش ڪيا. خانگي اسڪولن جي انگ اکر گڏ ڪرڻ جو عمل اپريل 2022 کان شروع ڪيو ويو هو. سروي ۾ 12809 خانگي اسڪولن جو دورو ڪيو ويو، خانگي اسڪولن ۾ 11736 فعال جڏهن ته 1073 اسڪول غير فعال ظاهر ٿيا. سنڌ ۾ 10 هزار 264 اسڪول رجسٽرڊ جڏهن ته 860 اسڪولن جي رجسٽريشن جي درخواستون غور هيٺ آهن. سنڌ ۾ 31 مدرسا اسڪول پڻ آهن، خانگي اسڪول سروي جي مطابق 1247 پرائمري، 553 مڊل، 2784 ايليمنٽري 6546 سيڪنڊري، 606 هائر اسڪولز/اي او ليول جي تحت ڪم ڪري رهيا آهن. خانگي سروي جي موجب صوبي ۾ 10776 انگلش ميڊيم، 469 اردو جڏهن ته 491 سنڌي ميڊيم خانگي اسڪول آهن. سروي جي موجب خانگي اسڪولن ۾ 39 لک 41 هزار 938 شاگرد تعليم هيٺ آهن. خانگي اسڪولن ۾ 18 لک 4 هزار 333 شاگردياڻيون (گرلز) تعليم هيٺ آهن جڏهن ته 21 لک 37 هزار 605 شاگرد (بوائز) خانگي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، سروي جي موجب صوبي ۾ هڪ لک 66 هزار 788 مينارٽي ڪميونٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم هيٺ آهن. خانگي اسڪولن ۾ 2 لک 98 هزار 938 ملازم آهن، جنهن ۾ 2 لک 25 هزار 158 ٽيچنگ جڏهن ته 73 هزار 780 نان ٽيچنگ عملو آهي، خانگي اسڪولن ۾ هڪ لک 71 هزار 423 فيميل ٽيچرس جڏهن ته 53 هزار 735 ميل ٽيچرس پڙهائي رهيا آهن، تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري چيو ته دنيا ۾ ڊيٽا سائنس جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه سان لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت دنيا جي سڀ کان مهانگي ڪرنسي ڊيجيٽل ڪرنسي آهي، اسان دنيا سان گڏ هلڻ لاءِ ڊيٽا مڪينزم تي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو ھن چيو ته خانگي اسڪولن جي انگ اکرن کي تعليم کاتي جي ويب سائيٽ تي پڻ شايع ڪيون ويندو. تقريب جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شاگرد شماري رپورٽ جون ڪاپيون پڻ ورهايون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو