ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ جمعي جي شام کان شروع ٿيل برسات ٻيهر تباهي مچائي ڇڏي، وڄ ڪرڻ سبب ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ 10 ماڻهو ۽ درجنين ڍور مري ويا. بلڙي ۾ ڇت ڪرڻ سبب 8 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا. ڪراچي ۾ چوماسي جي برسات جي نئين مرحلي سبب ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، بجلي بند آهي ۽ شهري عذاب ۾ آهن. جمعي تي سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاڻي ٽائون ۾ پئي جتي 170 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته 88 ملي ميٽر نارٿ ڪراچي، 85.5 ناظم آباد ۽ 77 ملي ميٽر گلشن حديد ۾ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻين علائقن ۾ 20 ملي ميٽر کان گهٽ بارش ٿي هئي.

بارش جو هي سلسلو سومر تائين جاري رهندو. موسميات کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، سانگهڙ، شهيد بينظيرآباد، دادو، سکر لاڙڪاڻو لسٻيلو، خضدار، بارکان، زوب، موسيٰ خيل، ڪوهلو ۽ سبي ۾ جمعي کان سومر تائين ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان بارش ٿيندي. مڇر ڪالوني ۾ 20 سالن جو سيف الله بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو سندس ميت سول اسپتال آندي وئي، ملير ۾ شاهنواز ۽ سلطان ملاح آسماني بجلي سبب فوت ٿيا.کپرو ۾ وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ مبين هڱورجو ۾ عرس ڀيو ۽ رحمت الله هڱورجو فوت ٿي ويا.

ڪلوئي ۾ وڄ سبب 4 ڄڻا فوت ٿيا ۽ درجنين ڍور مري ويا. ڪيٽي بندي ۽ ڳاڙهو ۾ وڄ ڪرڻ جا اطلاع آهن، ڳاڙهو ۾ بابڳو گبواڻي جي 30 سالن جي زال جينا گبواڻي فوت ٿي وئي. بلڙي شاهه ڪريم ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب گهر ڀاتي دٻجي ويا ٻارن سميت 8 ماڻهو زخمي ٿيا. *** ملير مان طارق جان سهتو موجب سانوڻي جو تيز وسڪارو، ملير ۾ جل ٿل هڪ ٿي ويو، کنوڻ ڪرڻ سبب 2 نوجوان فوت، ڪيترائي گهر ڊهي ويا، 2 مينهون پڻ مري ويون، کنوڻ واري هنڌ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين سلمان عبدالله مراد، يوسف بلوچ، ظفر حميد بلوچ ۽ ٻيا پهچي ويا.ڊملوٽي ويجهو ڳوٺ ميهار ملاح ۾ رڪن الدين ڪڪڙين جي فارم تي وڄ ڪرڻ سبب 2 نوجوان شاهنواز پٽ رشيد ملاح ۽ سلطان پٽ ڪريم بخش ملاح سڙي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، ٻئي پاسي شيدي ڳوٺ ۾ پڻ وڄ ڪرڻ سبب ٻه مالوند دمشاد خاصخيلي ۽ صفدر سومرو زخمي ٿي پيا ۽ ٻه ڍور مري ويا، زخمي نوجوانن کي فوري طور تي مقامي اسپتال روانو ڪيو ويو جڏهن ته فوتين جا لاش اباڻي ڳوٺ پهچايا ويا. هوڏانهن گلشن حديد، پورٽ قاسم، رزاق آباد، ڀينس ڪالوني، گهگهر ڦاٽڪ، گڏاپ، ميمڻ ڳوٺ، درساڻو ڇنو سميت ٻين ننڍن وڏن علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو.****ڪلوئي مان غلام مصطفي نهڙيوموجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ هندستان کان ايندڙ مون سون برساتن جو پنجون اسپيل اڄ صبح کان ٿرپارڪر بارڊر کان داخل ٿي چڪو آھي جيڪو مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برساتون وسائي رهيو آھي اڄوڪي ڏينهن ۾ مختلف علائقن مان آيل اطلاعن موجب وڄون ڪرڻ سبب ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آھي جنهن ۾ تعلقي مٺي جي ڳوٺ ڊوڙي ۾ 40 سالن جو پانچو ڀيل ۽ سندس پٽ 4 سالن جو راوتو ڀيل وڄ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويا.

ٻئي پاسي تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ پاٽار لنڊ ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٻه ٻڪريون مري ويون ۽ ٻه ڄڻا بي هوش ٿي ويا، تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ڦارهاڙو ۾ وڄ ڪرڻ سبب ست ٻڪريون مري ويون.

تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڍاڪڻيون ۾ وڄ ڪرڻ سبب اٺ سالن جي اسما ڌي عبدالرزاق فوت ٿي وئي ۽ ڳوٺ پوڇانڊوپار ۾ وڄ ڪرڻ سبب تارو پٽ ھرچند ڀيل فوت ٿي ويو ۽ ڪانٽيو ڀرسان وڄ ڪرڻ سبب هڪ اٺ مري ويو موسميات کاتي مطابق برساتن جو سسٽم سومر تائين جاري رهندو.

جڏهن ته اڄ صبح کان شروع ٿيندڙ برساتن جو سلسلو تيز گجگوڙ سان وقفي وقفي سان جاري آھي. مختلف علائقن مان وڻن تي به وڄن ڪرڻ جا اطلاع آھن.***ڳاڙھو مان سلطان کٽي موجب ڳوٺ ادريس گبواڻي ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب بابو گبواڻي جي گهرواري چئن ٻارن جي ماء 30 سالا جينا گبواڻي فوت ٻئي طرف ڪي ٽي بندر م وڄ ڪرڻ جا پڻ اطلاع آھين جتي ڪوب جاني نقصان ناهي ٿيو گهر کي ڪجهه نقصان ٿيو آهي. **** سانگھڙ مان ذوالفقار شاھ موجب چوٽياريون سرنواري ٽنڊومٺاخان عالم آباد ۽ آس پاس جي علائقن ۾ طوفاني برسات موسم خوش گوار ٿي وئي’ رھواسين ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي ڪي ماڻھون سيلفيون ڪڍڻ ۾ مصروف تـ ڪي وري تفريحي ماڳن طرف روانا ٿي ويا’بجلي ۽ مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو روڊن تي بيٺل پاڻي عوام جي لاء عذاب بڻجي ويو ڪيترن ئي علائقن مان بجلي غائب ٿي وئي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات دوران گرمي جو زور ٽٽي ويو.

***ٽنڊو محمد خان مان مظفر علي بروهي موجب بلڙي شاھ ڪريم ۾ تيز برسات سبب بلڙي شاھ ڪريم شھر جي بروھي پاڙي ۾ گھر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي ڇت ڪرڻ سبب گھر ۾ ويٺل گھر ڀاتي دٻجي ويا پاڙي وارن وڏي مڙسي ڪري معصوم ٻارڙن مردن ۽ عورتن کي چائي ورتو جڏھن ته ڇت ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙن مردن ۽ عورت سميت 8 ماڻھون زخمي ٿيا.

زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر بلڙي شاھ ڪريم نيو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي زخمين ۾ مسمات ناٿي بروھي .فدا حسين بروھي صابر بروھي ۽ معصوم ٻارڙن ۾ 12 سالا شير علي بروھي چار سالا فرحان بروھي ٽي سالا علي بروھي ۽ معصوم نياڻي ٽي سالا شيرين بروھي ۽ ٻيا شامل آھن. جڏھن ته مختيار ڪار بلڙي شاھ ڪريم عزيز الله سومرو پاران گھر ڊھڻ سبب گھر ڀاتي زخمي ٿيڻ واري خبر ھلڻ تي برسات سبب کلي آسمان ھيٺ ويٺلن کي تنبو ڏيڻ سميت مالي مدد ڪرڻ جي جو يقين ڏياريو آهي. ***روھڙي مان امان الله سومرو موجب بنڊ ٽاري ڪانڌڙن جي ڳوٺ ۾ ٻارڙا گهر اندر راند کيڏي رهيا هئا ته اوچتو گهر جي ڀت ڪري پئي ۽ گهر ڌڻين ۾ رڙيون پئجي ويون.

ڀت جي ملبي هيٺيان اچي ٻه ٻارڙا سڪندر ڪانڌڙو ۽ بھادر ڪانڌڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي حالت ۾ ڪڍيا ويا جن ۾ نثار، امجد ۽ صديق شامل آهن.










