ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ هلندڙ مهيني دوران برساتن جو امڪان ناهي.موسميات کاتي موجب سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ نمي وارو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ساحلي علائقن ۽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي ڦڙڦڙ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران آسمان گهڻو ڪري ڪڪرن سان ڍڪيل ۽ موسم نمي وارو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ڪجهه هنڌن تي هلڪي ڦڙڦڙ برسات پوڻ جو امڪان آهي.










