ڊويزنل ۽ ضلعي سطح جي انٽيليجنس ڪاميٽين جي نئين سر تشڪيل

ڪراچي(رپورٽ اشتياق احمد) سنڌ حڪومت سيڪورٽي جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ صوبي ۾ ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي انٽيلي جنس رابطن کي منظم ۽ مربوط ڪرڻ لاءِ نئين جوڙجڪ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن موجب ڊويزنل سطح تي ڪمشنر ڪنوينر هوندو، ڊي آءِ جي پوليس، ڊي آءِ جي، سي ٽي ڊي، ڊويزنل هيڊ پوليس اسپيشل برانچ، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جا نمائندا ان جا ميمبر هوندا. جڏهن ته ضلعي سطح تائين ڊپٽي ڪمشنر ڪنوينر هوندو، ضلعي پوليس آپريشن جو سربراه يعني ايس ايس پي، ضلعي هيڊ، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ جو ضلعي سربراه، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جا نمائندا ان جا ميمبر هوندا. سنڌ جي هوم ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري عبدالڪبير قاضي جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن م ڄاڻايو ويو آهي ته هن کان اڳ ان باري ۾ جاري ڪيل سڀ نوٽيفڪيشن ۽ حڪم رد سمجها وڃن ۽ هي حڪم حتمي سمجهو وڃي. نوٽيفڪيشن موجب هر مهيني هنن ڪاميٽين جو اجلاس لازمي ڪرڻو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي هن نوٽيفڪيشن تي تحفظات ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته وفاقي اداري جا ملازم صوبي جي ماتحت ڪم ڪندا؟ جڏهن ته رات دير سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن بابت سنڌ حڪومت جي هڪ سينئر آفيسر سنڌيار کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومتن کي اختيار آهي ته امن امان جي بهتري لاءِ هو ضروري اپاءَ وٺي سگهن ٿا ۽ آئين مطابق سڀ سيڪورٽي جا ادارا سول حڪومت جي مدد جا پابند آهن. ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته تازو سنڌ ۾ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي سربراه ۾ شروع ٿيل چپقلش ۾ هي حڪم اضافي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو