لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي دريائن ۽ آبادين ۾ ٻوڏ صورتحال تي سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت مدد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ کان پوءِ جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، پنجاب کي جيڪا به مدد گهرجي انهي لاءِ سنڌ حڪومت تيار آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي آيو ته انهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ برسات جي دوران ميڊيا هائوسز مهم هلائي پر پنجاب ۾ اهڙي ڪابه مهم نظر نه آئي.ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته پنجاب پاڪستان جو حصو آهي، هن وقت اتي ٻوڏ جي صورتحال آهي. پنجاب جي تڪليف اسان جي تڪليف آهي، اسان امداد جي لاءِ به تيار آهيون. اسان کي پاڻ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ پنجاب مان گذرندي آهي، اسان کي اميد هئي ته پنجاب حڪومت هن آفت جي لاءِ تيار هوندي پر پنجاب حڪومت بالڪل تيار نه هئي، جنهن سبب مريم نواز جي نااهلي ثابت ٿي آهي. اسان جي حڪومت ۽ ادارن امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو، اها ڪهڙي پنجاب جي وزيراعليٰ آهي جيڪا عوام کي ٻوڏ ۾ ڇڏي پرڏيهه ۾ آهي.










