سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ تيز طوفان ۽ برسات جو الرٽ جاري

سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ تيز طوفان ۽ برسات جو الرٽ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ يعني اين ڊي ايم اي ۽ موسميات کاتي 7 کان 9 سيپٽمبر تائين يعني ايندڙ ٽن ڏينهن دوران سنڌ ۽ پنجاب ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوائن سان وڏي برسات جو الرٽ جاري ڪيو آهي. فيڊرل فلڊ ڪميشن ٻڌايو آهي ته پنجند تي پاڻي جو وهڪرو وڌي رهيو آهي، جيڪو ٻن ڏينهن ۾ سنڌ پهچندو، گڊو ۽ سکي بيراج تي 8 ۽ 9 سيپٽمبر تي وڏي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.
پنجاب، پي ڊي ايم اي، جي ٻوڏ وارننگ
چناب درياهه ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران انتهائي تيز ٻوڏ جو امڪان آهي، خاص طور پنجند وٽ، جتي ڊيرا غازي خان ۽ راجن پور جي نالن ۾ به اوچتو ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي. پي ڊي ايم اي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته لاهور، گوجرانوالا، ساهيوال، ملتان، ڊي جي خان، راولپنڊي، اسلام آباد ۽ بهاولپور ۾ به گجگوڙ سان گڏ طوفاني برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي هدايت ڪئي آهي ته اڳواٽ خبرداري ۽ ٻوڏ جي نگراني جا نظام فعال ڪيا وڃن ۽ ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ لاءِ پلان سوشل ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچايا وڃن. پي دي ايم اي پنجاب ۾ 50 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته هيستائين 42 لک ماڻهو برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن ۽ پنجاب حڪومت مختلف علائقن مان 23 لک ماڻهن کي ريسڪيو ڪري محفوظ جايت تي پهچايو آهي. پي ڊي ايم اي جي نبيل جاويد موجب مختلف علائقن ۾ 423 رهائشي ڪيمپون ۽ 512 طبي ۽ 432 وٽنري ڪيمپون قائم ڪيون آهن، متاثر ماڻهن جا 15 لک 10 هزار جانور به ريسڪيو ڪيا ويا آهن.
فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن (FFD)
ڇنڇر تي شام جو چناب درياهه جي پنجند هيڊ ورڪس مان 384,124 ڪيوسڪ وهڪرو گذري رهيو آهي، جيڪو انتهائي تيز ٻوڏ جي سطح کي ظاهر ڪري ٿو. ساڳئي وقت انگن اکرن مطابق، درياهه راوي ۾ به انتهائي تيز ٻوڏ جي سطح آهي. بلوڪي (157,065 ڪيوسڪ) ۽ سڌنائي (97,242 ڪيوسڪ) هيڊ ورڪس جي وچ ۾. جڏهن⁠ته درياهه ستلج ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ (303,828 ڪيوسڪ) تي انتهائي تيز ٻوڏ جاري آهي. پنجاب پي ڊي ايم اي وڌيڪ خبردار ڪيو آهي ته “ڏکڻ پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران تيز هوائن سان گڏ برسات متوقع آهي، جيڪا درياهن ۽ نالن ۾ ٻوڏ ۽ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافو آڻي سگهي ٿي۔” اداري موجب، بهاولپور، بهاولنگر، احمدپور، لياقت پور، ظاهر پير، راڄنپور، خانپور، مظفر ڳڙه، ڊيرا غازي خان، رحيم يار خان، صادق آباد ۽ ڀرپاسي وارا علائقا هن موسمي نظام کان متاثر ٿيندا.
سنڌ حڪومت هاءِ الرٽ آهي
سنڌيار جي نمائندن موجب سنڌ حڪومت هاءِ الرٽ تي آهي، زراعت واري وزير گھوٽڪي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ بندن جو دورو به ڪيو. سنڌو درياهه جي ليفٽ بئنڪ لاءِ فوڪل پرسن سردار محمد بخش خان مهر قاديرپور شينڪ بند (گهوٽڪي) جو دورو ڪيو، جتي هن دريائي علائقي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزير سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراني، اسسٽنٽ ڪمشنر نويد احمد، مختيارڪار شاهد دايو، ڊائريڪٽر SEDA شبير احمد ڀٽو ۽ ٻين آبپاشي کاتي جا عملدار پڻ موجود هئا. وزير کي ٻوڏ جي تياري بابت آگاهي ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته 9 سيپٽمبر تائين 5 کان 7 لک ڪيوسڪس جو وهڪرو گذري سگهي ٿو. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته حڪومت مڪمل طور تي تيار آهي، ۽ حفاظتي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي. مهر موبائيل اسپتالن، ميڊيڪل ڪيمپن ۽ جانورن جي علاج لاءِ ويٽرنري ڪيمپن جو پڻ دورو ڪيو ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي بهترين ممڪن طبي سهولتون ڏنيون وڃن. موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ برساتون 6 سيپٽمبر جي شام/رات کان 9 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان هيٺين ضلعن ۾ ٿينديون، جن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي انهن ۾، ٿرپارڪر (مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظيرآباد، ماتلي، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ڪراچي، ٺٽو، بدين، سجاول، ڄامشورو، دادو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گھوٽڪي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو